اسلام آباد (بيورو) بچاءُ واري وزير خواجا آصف خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ سلامتي وارن معاملن جو فوري ۽ مستقل حل ڪڍڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته سوات ۾ يارنهن ٻارنهن سالن جي وقفي کانپوءِ وري ساڳو ئي سلسلو شروع ٿي ويو آهي، بلوچستان ۾ ڏهاڪن کان عسڪريت پسندي هلي رهي آهي، وقت تيزي سان گذري رهيو آهي، سوات ۾ ڀڙڪيل باهه اسان جي جهولين تائين به پهچي سگهي ٿي، ملڪي وحدت جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. بچاءَ واري وزير چيو ته فوج عدليا، سياستدان سڀني کان غلطيون ٿيون، سڀني ادارن کي گڏجي رياست کي پيش خطرن جو فوري طور مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن چيوته ننڍن صوبن جا ماڻهو راولپنڊي مان لاش کڻي ويا پر ملڪ کي نقصان نه پهچايو، اڄ هڪ شخص جو آئيني طريقي سان اقتدار ختم ڪيو ويو ته ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آهي. خواجا آصف ڪابينا اجلاس ۾ بلوچستان تي ڪميشن جوڙڻ وارو معاملو اُٿارڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ماضي ۾ سموري اشرافيه کان غلطيون ٿيون آهن، هاڻي به ملڪ ۾ اقتدار جي جنگ جاري آهي. وفاقي وزير عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ شخص رياست کي لاڳيتو بليڪ ميل ڪري رهيو آهي.
