نوابشاهه(ڊ ر) اي سيڪشن پوليس پاران بڇيري جي ڳوٺ نواب مراد علي جي رھواسي نوجوان رڪشا ڊرائيور برڪت رند عرف ڊگو کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ واري عمل خلاف سندس وارثن پاران علي خان رند، زمان رند، الياس رند، ياسين رند، عبدالواحد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان جو نوجوان رڪشا ڊرائيور آھي جيڪو روزي ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو آھي، ھنن چيو ته اسان جو نوجوان برڪت رند گذريل چئن سالن کان گوليمار جي رھواسڻ عورت حسينه ابڙو کي رڪشا تي کڻندو ھو ۽ جڏهن ته اسان جي نوجوان پنھنجا ڪرائي جا پئسا گھريا ته حسينه ابڙو چوري جو ڪوڙو الزام ھڻي اسان جي نوجوان کي اي سيڪشن پوليس وٽان گرفتار ڪرائي گم ڪرائي ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته اي سيڪشن پوليس ھن اسان جي نوجوان کي آزاد ڪرڻ لاءِ 10 لک روپيا رشوت گھري ٿي جڏهن ته اسان غريب آھيون ايتري رقم ڪٿاڻ آڻيون، ھنن چيو ته اسان کي خدشو آھي ته اي سيڪشن پوليس اسان جي نوجوان کي پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان برڪت رند کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
