هن ملڪ ۾ ڳالهائڻ به ڏوهه آهي، لکڻ، پڙهڻ وارن ماڻهن کي کنڀيو پيو وڃي: اختر مينگل

اسلام آباد (بيورو) بلوچستان نيشنل پارٽي ( بي اين پي ) مينگل جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي اسان کي ايڏانهن نه وٺي وڃيو جتان ڪڏهن واپس نه اچون. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي اختر مينگل چيو ته اسان ڀتن ۽ ڇتن سان ڳالهايون ته اهو ئي صحيح هوندو، بلوچستان ۽ ملتان ۾ لاشن جا ڍير لڳايا ويا، هتي جهموري حڪومتون به رهيون ۽ غير جهموري به، مختلف پارٽين جون حڪومتون آيون، آئين ۾ تبديليون آيون پر بلوچستان تبديل نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جون حالتون تبديل ڇو نه پيون ٿين، ڇا حڪومتن جي هٿ وس ڪجهه نه آهي، سي ٽي ڊي طرفان قتل ڪيلن جي سڃاڻپ ٿي وئي، ٽنهي ڄڻن کي کنڀيو ويو هو. هن چيو ته وسيم تابش شاگرد هو جنهن گم ٿيل ماڻهن جي حق ۾ شعر پڙهيا هئا، هن ملڪ ۾ شاعري به گناهه آهي، جيڪي لکن ٿا ڳالهائين ٿا انهن کي کنڀيو پيو وڃي، جڏهن پي ٽي آءِ جي اتحادي هئاسين ته گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ڏني هئي، انهن مان هڪ شخص جو لاش مليو آهي جنهن کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي ايڏانهن نه وٺي وڃيو جتان اسان واپس نه اچي سگهون، بلوچستان جي علائقن ۾ جعلي مقابلن کي روڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں