وڏيري مدد انڙ گهر گهرائي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو:سيما انڙ

ڄامشورو(ڊ ر) قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ نور ماڊل وليج جي رهواسي سميا انڙ ۽ پنهنجي مڙس مور انڙ سان گڏ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته سترنهن ڏينهن اڳ مونکي وڏيري مدد علي انڙ صفائي جي لاءِ گهرايو، مان اتي ويس ته هن ڪمري کي اندران ڪنڍي ڏئي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، جنهن بعد منهنجي وڊيو پڻ ڀري وئي، مون پنهنجي مڙس کي گهرائي ان کي ٻڌايو، جنهن کان پوءِ وڏيري مدد انڙ جي سس شهناز انڙ مونکي ۽ منهنجي مڙس کي گهرائي چيو ته مان توهان جو فيصلو ڪندس، پر ان وري مونکي گهرائي سخت تشدد ڪري چيو ته تون غلط آهين. هن وڌيڪ چيو ته اسان وڏيري خلاف ڪورٽ وياسين جتي ڪورٽ ۾ وڏيري مدد انڙ لکي ڏنو ته مان فيصلو ڏيندس، پر بعد ۾ وڏيري شاهنواز انڙ جي چرچ تي سندس مئنيجر محمود جوکيو منهنجي مڙس مور انڙ، ان جي مائٽن غلام شبير انڙ، سليم انڙ، منٺار انڙ، ۽ مون تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي اسان لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي، اسان ڄامشورو ۾ اچي پناهه ورتي آهي. وڏيرو مون کي ۽ مڙس کي مارائڻ چاهي ٿو ڪورٽ جي سڀاڻي حاضري آھي  لڄالٽ واري درخواست تان هٿ کڻڻ لاء  مون تي منهنجي مڙس ۽ پناھ ڏيندڙن مامن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن هن چيف جسٽس آف سنڌ، وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اعلي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں