ٺاروشاھ ڀرسان مبينا طور هٿ آيل سگريٽن جي گاڏي وارو مامرو

ٺارو شاهه(ن س)ٺاروشاھ گذريل رات دير سان نوشهروفيروز لنڪ روڊ واقعي مولهڻ اسٽاب وٽ سگريٽن سان ڀريل مزدا گاڏي لاوارث حالت ۾ پوليس کي هٿ آئي هئي جتان ڊائيور اصغر ڪلهوڙو ۽ گن مين محمد موسي! مڱريو پرسرار نموني گم هيا جڏهن ته اڄ ڊرامائي انداز ۾ هٿ آيل ڪنڊيارو پوليس کي گن مين محمد موسي! مڱريو ۽ ڊائيور اصغر ڪلهوڙو کي ٺاروشاھ پوليس حوالي ڪيو ويو جتي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته نامعلومن ڦورن اسان کي هالاڻي قومي شاهراھ کان ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي گاڏي مان لاهي ڪار ۾ اکيون ٻڌي سگريٽن سان ڀريل گاڏي ڪاهي ويا ٽي ڪلاڪ گاڏي ۾ گهمائي نيو جتوئي ڀرسان روڊ ڪناري فٽو ڪري ويا جتان ٺاروشاھ ٿاڻي تي پهتا آھيون جڏهن ته ڪنڊيارو پوليس شمشاد ڪليري پٽرول پمپ ڀرسان گجهن اطلاعن تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ سگريٽ هٿ ڪري 3 ڄڻا گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيا آهن جڏھن ته سگريٽن جو ايريا انچارج رياض چاچڙ ڦر جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٺاروشاھ ٿاڻي تي پهچي ويو جڏهن ته پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏھن ته واقعو گجهارت بڻيل آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں