طفيل مگسي
جيتوڻيڪ لکڻ جو موڊ ته اڄ ڪنهن فلسفياڻي موضوع تي هو.جنهن تي گذريل ڪيترن ئي هفتن کان تحقيق ڪري رهيو آھيان.مگر ڇا ڪريان رستي ۾ ابتي شلوار اچي وئي .جنهن تي لکڻ ان ڪري واجب ٿيو ته اها نشي واري حالت ۾َيا وري نه ٿي هجي.اسان جي سياستدانن جون به يارو نهايت ئي عجيب ٻاراڻيون سپر اسٽيٽس حرڪتون رهيون آھن ۽ رهنديون اچن ٿيون. جن کي ڏسي ڪري نه صرف کل اچي ٿي بلڪ حقدققت ۾ نهايت ڏک به رسي ٿو ته اسان جي بدنصيب قوم ڪهڙن ماڻھن پٺيان ابن ڏاڏن کان لنڊو ڪتي جيان لور لور ڪيون وتي ٿي.اهي وهم جا ماريل سنهن کي ڪهڙي منزل تي پهچائيندا ۽ اهي ٻرندڙ يا دکندڙ عوامي مسئلن جا ڪهڙا حل ڪڍي سگهندا.جيڪي پاڻ وهم پرستي ۾ نهن کان وٺي وارن جي چوٽيء تائين گپ ۾ ڳپيا پيا آھن. مون وٽ ھڪ نهايت پراڻو ڪتاب آھي جيڪو 40واري ڏھاڪي ۾ ڇپيو هو.جيڪو هڪ ناياب ڪتاب آھي.جنهن ۾ طلسم ۽ علميات جا وڏا وڏا ۽ بي حساب ٽوٽڪا لکيل آھن.جيڪو ڪتاب ورهاست کان اڳ ۾ ڪنهن هندو پنڊت خبر ناهي ته ڇو اسان کي ڏنو هو.جيڪو اڄ به منهنجي لائبرري ۾ موجود آھي.جن ۾ ڪجه طلسم هن ريت جا لکيل آھي. جيڪو به ابتي شلوار پائي ڪنهن به ميڙ ۾ ويندو .اهو ماڻھن جون دليون قبض ڪري وٺندو. مون کي لڳي ٿو ته وهم پرست عمران خان اهوئي طلسم پرفارم ڪري ابتي شلوار پائي ڪري جلسو ڪيو.اڄ جي دور ۾ اهو ڄاڻي واڻي ته ٿي سگهي ٿو.ليڪن غلطي يا ٿي نٿي سگهي.ڇاڪاڻ ته ڪپڙا استري پاتا ويندا آھن.۽ ڌوٻي اهي ڪپڙا سبتا ڪري استري ڪندا آھن.ساڳيوئي طريقو اسان پاڻ استعمال ڪندا آھيون.ان ڪري لکندڙ جي راء ۾ اهو طلسماتي ٽوٽڪو جيڪو خان نيازي خان اقتدار جي حاصلات جي لاء استعمال ڪيو هوندو. ٻي مزي جي ڳالھ ته عمران خان نيازي کان اک ڪانونٽ ۽ ھارڊروڊ کان تعليم حاصل ڪندڙ محترمه بنظير ڀٽو .ساڳين قسمن جي وهمن تي يقين رکندي هئي.مانسرا کان اتي لسان جي ويجهو هڪ بابا جي رهندو هو.جيڪو بابا جي سڀ ڪجه جي نانء سان مشھور هو.بي بي صاحبه هر ڪم ڪرڻ کان اڳ ان وٽ ضرور ويندي هئي بابا جيء وٽ ننڍيون ننڍيون اسٽڪس هونديون هيون.جنهن منجهان ڪا هڪ کڻي ڪري اچڻ واري کي هڻندو هو.يعني جيترا ڀيرا هندو هو ان جو ڪم ضرور ٿي ويندو هو.بي بي بابا وٽ اسٽڪس کائڻ ويندي رهندي هئي.سندس جي اتي وڃڻ سان جيتوڻيڪ ايترو فائدو ضرور ٿيو ته علائقو نهايت پٺي پيل هو۽ ڪچو دڳ هوندو هو.جيڪو بي بي جي سهوليت جي لاء شاندار ڊبل ڪارپٽڊ روڊ ۾ بدلجي ويو.جنهن جو فائدو ٻھراڙي وارن کي خوب ٿيو.جنهن جي اسان پڻ دل سان تعريف ڪيون ٿا. ميان نواز شريف جيڪو هڪ ڪٽر مالڪي ۽ امام تيميه کي مڃڻ وارو آھي.ليڪن وهم پرستي ۾ اهو به ڪنهن کان گهٽ ناهي.هن اسلام آباد ۾ هڪ پير صاحب کي ٽڪائي رکيو هو.جيڪو پنجاب جي ڪنهن ٻھراڙي کان هتي هڪ عاليشان بنگلي جا مزا ماڻي رهيو هو.ميان صاحب هر رات وٽس ويندو ۽ کانئس دعا گهرندو هو.ان پير صاحب جي باري ۾ مشھور هو ته رسول الله ان جي خواب ۾ اچي ٿو ۽ ھن کي حڪم ڏيئي ٿو.ساڳئي دعوي طاهر القادري پڻ ڪندو هو ۽ اهو به نواز شريف جي بابا جو پير هو.پنهنجي پيء جي حڪم تي نواز شريف ۽ شھباز شريف قادري کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي حج ڪرايو هو. جيڪو ڪنهن ڪم جي پوري ٿيڻ تي ڪيو ويو هو. جنرل ضياء الحق به راتين جو لڪي پير خطيب الرحمان سان ملڻ عيدگاه ويندو هو.۽ هوئي ئي پير خطيب الرحمن.پرويزمشرف جو به پير هو.جنهن پرويز مشرف کي هيڊو عقيق سون ۾ مڙھائي آخري چيچ ۾ پائڻ جي لاء منڊي ڏني هئي.وهسڪي سان دل وندرائڻ .انگريزي ناول پڙھڻ جي باوجود اندر کان اهو ايترو وهم پرست هو ته ان منڊي کي هڪ پل جي لاءِ به پاڻ کان ڪڏھن الڳ نه ڪيو هو. انهي وهم پرستي جي سبب کان ضياءَ ۽ مشرف پير خطيب الرحمان کي وزيراعظم بنجڻ جي آفر پڻ ڪئي هئي.جنهن کي حضرت سمجه کان ڪم وٺندي قبول نه ڪيو هو.ليڪن شيخ رشيد جيڪو پير صاحب جي ننگر جو انچارج هو.ضياء جي حوالي ڪيائين.تڏھن شيخ رشيد پاڻ کي رشيد بٽ لکندو هو. سو ضياءَ رشيد بٽ کي شيخ رشيد بڻائي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو هو. جنرل ايوب خان سوراسي مري جي بابا لال شاهه جو مريد هو ۽ چون ٿا ته لال شاهه هڪ رثائرڊ فوجي هو. جيڪو رٽائر بڻجي ڪري سوراسي جي جهنگن ۾ وڃي پهتو۽ ماڻھن جي وهمن کيس کي پير بڻائي ڇڏيو.ان جون گاريون.مڪون ۽ لتون هونديون هيون.جيڪو وڌيڪ گاريون کائيندو يا لتون کائيندو هو ته وهم.پرست ان کي سعادت سمجهندا هئا ۽ مقصد جي حاصلات جو وسيلو قرار ڏيندي لال شاه ايوب جي ماء ڀيڻ ھڪ ڪري ڇڏيندو هو.ليڪن ايوب خان ڪنڌ ھيٺ ڪيون ويٺو رهندو هو. آئي ايس آئي جو سابق اڳواڻ فيض حميد جو ڪوٽلي سيتان جو پير شف شف آھي.جيڪو بقول ناصر مدني جي ڪورونا کي ته ختم.نه ڪري سگهيو.ليڪن تندرست بيمارن کي پنهنجي شف شف سان ضرور ٺيڪ ڪرڻ جي دعوي ڪري ٿو.جنهن تي آبپاره وارن ناصر مدني جي ٺيڪ مرمت پڻ ڪئي هئي. ساڳئي ريت سبوح سيد بي بي سي اردو جي لاء ھڪ مضمون لکيو هو ته جنهن ۾ ھن دعوي ڪئي هئي ته مولوي طارق جميل شاهد آفريدي جي لاء هڪ طلسمي لباس تيار ڪيو هو.اسپيشل ڌاڳن سان اهو ڪپڙو جنيد جمشيد جي بوتيڪ تي تيار ٿيو.طارق جميل ان تي طلسمي عمل ڪيو۽ شاهد آفريدي جي بنگلاديش واري دوري دوران وردي جي اندر سدائين پائي رکڻ جي هدايت ڪئي هئي ته جيئن بنگالي جادوگرن جو جادو هن تي اثر نه ڪري سگهي.جنهن جو سبب اهو هيو ته اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش جو دورو ڪرڻ واري هئي.۽ اطلاعات جي مطابق آفريدي کي بنگالي جادوگرن جان سان مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.ڇاڪاڻ ته اهي شاهد آفريدي جي ڪرڪيٽ کان ڊڄندا هئا.جيڪو انهن جي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ مٽي پليت ڪري چڪو هو.ساڳئي ريت جون حرڪيون ڀارت ۽ سائوٿ افريقا جي دوري جي دوران ڪيون وينديون هيون.ان دوري جي دوران اوهان ڏٺو هوندو ته شاھد آفريدي جون ڌيئرون سدائين پويلين ۾ ويهي ڪجه نه ڪجه پڙھنديون رهنديون هيون.اهو به هڪ طارق جميل جو ڏنل وظيفو هو.مطلب ته ان دوري ۾ نهايت ئي عجيب وغريب حرڪتون ڪيون ويون هيون. اسان جي ڪرڪيٽ کي انهن ئي وهم پرستن برباد ڪري ڇڏيو.جيڪي رانديگر مولوي مافيا جي ڳالھ نه مڃيندا هئا ٽيم کان آئوٽ ٿي ويندا هئا.جنهن ۾ يونس خان جهڙو بهترين رانديگر پڻ آھي. مون کي خبر ناهي ته عمران جو طلسمي عمل مولوي طارق ڪيو يا پنڪي پيرڻي.باوجود ان جي اهو طئي آھي ته اهو اڄ به هڪ ڪثر وهم پرست آھي.جيڪو اوهان جو وزيراعظم رهيو آھي ۽ ممڪن آھي ته وري اوهان جي بدبختي جو سهارو بڻجي. قاري صاحبان مضمون کي ڊيگه ڏيڻ واري خوف کان مان وڌيڪ ماڻھن جي باري ۾ نٿو لکان نه ته وڏاوڏا ماڻھو وهم پرستي جو شڪار آھن.اوهان ڏسو ته اوهان جو سامهون ڪهڙن ماڻھن سان آھي.بس ٿوري همت ۽ مردانگي ڏيکاريو ته اهي وهم پرست نيست ونابود ٿي سگهن ٿا.ڇاڪاڻ ته سندن خوف ئي کين کي بزدل بڻائي رکيو آھي.۽ بزدل کي لتاڙڻڻ ڪا مشڪل ڳالھ ناهي.
