پيپلز اسٽاف يونين جي جدوجهد ڪامياب، سوشل سيڪيورٽي ملازمن جي ترقين واري ٽائيم اسڪيل منظور

ڪراچي (پ ر ) سوشل سيڪيورٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيپلز اسٽاف يونين (سي بي اي) نيٺ سالن جي جدوجهد بعد ملازمن جي ترقين واري ٽائيم اسڪيل کي حڪومت کان منظور ڪرائي ورتو آهي جنهن سان هزارين ملازمن پوري سنڌ ۾ جشن شروع ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب پيپلز اسٽاف يونين سي بي اي جي صدر احمد نواز سميجو گذريل ڪيترن سالن کان پورهي واري وزير سعيد غني ۽ سنڌ حڪومت جي ٻين اعلي عهديدارن سان مسلسل احتجاج ۽ ڳالهين بعد نيٺ ملازمن جي ترقين واري ٽائيم اسڪيل کي منظور ڪرائي ورتو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي جي گورننگ باڊي جو اجلاس پورهئي واري وزير سعيد غني جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ سوشل سيڪيورٽي ملازمن جي پهرين کان 16 گريڊ جي سمورن ملازمن جي ترقين جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي پورهئي واري وزير سعيد غني چيو ته پ پ حڪومت اداري جي ملازمن جي سالن پراڻي مطالبي کي منظور ڪري ٿي ۽ هاڻ ڪنهن ملازم جي حق تلفي نه ٿيندي. حڪومت ملازمن جو هر جائز مطالبو پورو ڪندي. ان موقعي تي سي بي اي صدر احمد نواز سميجو چيو ته پيپلز اسٽاف يونين پورهئي واري وزير سعيد غني. سنڌ حڪومت ۽ گورننگ باڊي ميمبر محمد خان ابڙو جي ٿورائتي آهي جنهن سوشل سيڪيورٽي جي ملازمن جي سالن پراڻي مطالبي کي منظور ڪري دليون کٽي ورتيون آهن. ان ٽائيم اسڪيل جي منظوري بعد اسان جي گهر آهي ته اداري جي ميڊيڪل ملازمن جي ترقين واري سروس اسٽريڪچر کي به فورن منظور ڪيو وڃي جنهن جي گورننگ باڊي پهرين به منظوري ڏني آهي پر اداري اندر اڃان سوڌو اهو فائل التوا جو شڪار آهي. جنهن سان ملازم مايوسي جو شڪار آهن. هن چيو ته سي بي اي ملازمن جي هر جائز مسئلي جي حل لاءِ ڪنهن به جدوجهد کان نه ڪيٻائيندي. ٻئي طرف ٽائيم اسڪيل جي منظوري جي خوشي ۾ پوري سنڌ ۾ سي بي اي جي ملازم ڪارڪنن مٺائيون ورهئي جشن ملهائيو آهي ۽ احمد نواز سميجو کي گلن جا هار پارايا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں