ڪوٽڙي: ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان پرائيويٽ بنگلي ۾ رکڻ جو انڪشاف

ڪوٽڙي(ن س)سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل ٻوڏ متاثرين جي واهر نه ٿي ٻئي طرف ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل امدادي سامان هڪ پرائيويٽ بنگلي ۾ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڄامشورو پريس ڪلب جي ٽيم اطلاع تي پهچي موقعي تي ويڊيو رڪارڊ ڪري ورتو، هن ويڊيو  ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ڪنٽينر مان متاثرين آيل امدادي سامان لاٿو پيو وڃي ۽ سوزڪي ۾ لوڊ ڪري بنگلي ۾ رکيو پيو وڃي. هوڏانهن ٻوڏ متاثرين جي واهر نه ٿي سگهي آهي ته ٻئي طرف ڊي سي ڄامشورو جي هائوس ڀرسان هڪ پرائيويٽ بنگلي ۾ سامان رکيو پيو وڃي ذريعن موجب ڪروڙين روپين جو امدادي لڪائي من پسند بااثرن ماڻهن کي ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، هوڏانهن ضلعي انتظاميا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هي سامان هڪ پرائيويٽ اين جي اوز جو آهي، جيڪو اتي رکيو ويو وڃي ۽ اهو سامان متاثرين ۾ ورهايو ويندو، ٻئي طرف سياسي سماجي ڌرين يونس اوٺو، يوسف سارنگ، امداد پهنور مطالبو ڪيو ته ضلعي ڄامشورو ۾ آيل امدادي سامان من پسند بااثرن کي ڏيڻ واري معاملي جي جانچ ڪئي وڃي ۽ ٻوڏ متاثرين جي واهر ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں