تيز برساتن سنڌ جي عظيم قلعي رني ڪوٽ کي نقصان پهچايو: مراد علي شاهه

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته رني ڪوٽ قلعي جي پراڻي ۽ تازو بحال ٿيل ڀتين جا ڪجهه حصا تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. وڏي وزير انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ (اي ايف ٽي) تي زور ڀريو ته هو شهر ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪانفرنس منعقد ڪري صورتحال جو جائزو وٺي. هن اها ڳالهه اي ايف ٽي پاران طلب ڪيل رپورٽ ملڻ کانپوءِ چئي. اي ايف ٽي جي محترم حميد آخوند کيس تفصيلي رپورٽ ڏني آهي. رپورٽ جو حوالو ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته رني ڪوٽ ۾ تازو بحال ٿيل ڀتين جا ڪجهه حصا تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪري پيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهن ڀتين کي انفراسٽرڪچر جي بيڪار نيڪال سسٽم سبب گهڻو نقصان پهتو آهي ڇوته پاڻي جي نيڪال لاءِ هيٺيائين وارن حصن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مناسب طريقو نه هو جيڪو ٻوڏ دوران ممڪن نه هو جنهن جي نتيجي ۾ قلعي جون ڀتيون ڪمزور ٿي ويون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊهيل پراڻيون ڀتيون اڳي ئي ڪمزور هيون ۽ تيز برساتن سبب برداشت نه ڪري سگهيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 100 سالن ۾ اهڙو ڪوبه مشاهدو نه ڪيو ويو آهي. بحال ٿيل ڀتين مان ڪي ڊهي پيون آهن اهي لينڊ سلائينڊنگ جو سبب بڻيون ۽ ڪن هنڌن تي ڀتيون زمين هيٺ ٺهيل هيون. وڏي وزير چيو ته موهن گيٽ جون ڪجهه ڀتيون ٻوڏ سبب ٻڏي ويون آهن. هن چيو ته ڪجهه بحال ٿيل ڀتيون ڪري پيون ۽ بنياد ۽ سَنڌن جي ڪمزور ٿيڻ سبب ڪري پيون. حميد آخوند وڏي وزير کي ٻڌايو ته رني ڪوٽ جي ڀتين جون بنيادون اونهيون نه هيون ۽ اهي پٿرن تي بيٺل هيون جنهن ڪري انهن کي تيز برساتن ۽ ٿوري لوڏ شڪار ٿي وينديون آهن. مراد علي شاهه، حميد آخوند کي هدايت ڪئي ته هو نقصان جو سروي ڪري نتيجا پڌرا ڪري ته جيئن مناسب قدم کنيا وڃن. وڏي وزير کين يقين ڏياريو ته سندس حڪومت EFT لاءِ وڌ کان وڌ سهڪار ڪندي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورا لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊر ان منصوبي ۾ حصو وٺندا. وڏي وزير انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ کي چيو ته هو هڪ مستقل خودمختيار اداري جي حيثيت سان ورثي جي يادگارن لاءِ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ سيل قائم ڪري جنهن ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊرز شامل هجن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں