دادو ۾ صحت کاتي جا ملازم چوٿين ڏينهن به سراپا احتجاج بڻيل

دادو(ڊ ر) سنڌ صحت کاتي ملازمن جي گڏيل اتحاد گرينڊ، هيلٿ الائينس جي پليٽ فارم تان ڏنل احتجاج سڏ تي چوٿين ڏينهن به سول اسپتال دادو ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري کي جي ايڇ اي دادو جي اڳواڻن راجا رفيق پنهور، ڊاڪٽر احسان پنهور، نثار احمد لاشاري، صداقت علي سومرو، ڊاڪٽر شيراز ڏاوڇ، امتياز احمد چانڊيو، ثمينه لاشاري، محمد حسن خشڪ عدنان نور سولنگي، محمد موسىٰ برهماڻي قربان علي لنڊ، پپو قاضي، عبدالمجيد جهتيال، محمد صديق کوکر ۽ ٻين چيو ته صحت کاتي جا ملازم نه چاهيندي به هڙتال ڪرڻ تي مجبور آهن صحت کاتي جي ملازمن سان حڪومت سنڌ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو رويو ناانصافي ۽ ڏاڍ وارو آهي منسٽر هيلٿ پنهنجي هوڏ ۽ انا جي ڪري ملازمن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ انهن ملازمن کي بليڪ ميلر ۽ دڪان تي ملندڙ وکر ٿي سمجهي، نازيبا زبان استعمال ڪري ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون پئي ڏئي، هيلٿ ملازم هر وقت وچڙندڙ، ڦھلجندڙ وائرس وارين بيمارين جي منهن ۾ آهيون، ملڪ جي ٻين صوبن جي ملازمن جو پگهارو مراعتون سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن کان ٻيڻ تي آهن سنڌ سرڪار پنهنجي هوڏ ۽ انا چڏي هوش کان ڪم وٺي هيلٿ رسڪ الائونس ملازمن جو حق آهي اھو حق ڏنو وڃي، ملازمن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته رسڪ الائونس سميت سروس اسٽڪچر، ٽائيم اسڪيل فوري منظور ڪري ملازمن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں