روم تنهنجا روپ هزار

امير ابڙو
ڪولوسيم جي باري ۾
روم شهر ۾ دنيا جو تاريخي عجوبو، ڪولوسيم ڏسڻ وياسين. جنهن کي سنڌيءَ ۾ تماشگاهه به چئي سگهجي ٿو. هي 50000 هزار ماڻهن جو هڪ اسٽيڊيم آهي جتي روم جا حڪمران جانورن ۽ انسانن جي وچم قتل جي ويڙهه ڪرائيندا هئا. 72 عيسوي ۾ رومن حڪمران ويسپيئين هن کي جوڙڻ جي شروعاٿ ڪئي ۽ ٽائيٽس اچي سندس تعمير ختم ڪرائي. 80 عيسوي ۾ هيءُ جڙي راس ٿيو. جڏهن اهو تعمير ٿيو هو ته 100 ڏينهن تائين هتي اهڙيون رانديون هلنديون رهيون جن ۾ 9000 جانور ۽ انسانن جون جانيون ضايع ڪيون ويون جڏهن پوري ڪولوسيم جي تاريخ ۾ 10 لک ماڻهن کي ماريو ويو. هي انساني تاريخ جو اهو عجوبو آهي جنهن ۾ انسان جي وحشت وارو پاسو نمايان نظر اچي ٿو ۽ ظاهر ٿئي ٿو ته طاقت ۽ ناڻي جي گهڻائي جي ڪري انسان پنهنجي نفس تي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهي. رومن جي پهرئين جمهوريت کي قائم رکندڙ بادشاهه آگسٽس جي زماني ۾ طاقت ضلعي سطح کان آخر تائين ورهايل هئي تنهن ڪري هن 41 سالن جي حڪومت ۾ روم کي هڪ اهڙي سلطنت بنائي ڇڏيو جو 200 سالن تائين روم سلطنت جي اندر امن رهيو، پر کائنس پوءِ ايندڙ حڪمران ٽائبيس جيڪو هن جي زال جي پهرئين مڙس مان پٽ هو ، ايندي ئي پنهنجي طاقت جا ڪارناما ڏيکارڻ شروع ڪيا. آگسٽس تعميراتي ڪم ڪيا جن جي باري ۾ هن ڪتاب ۾ تفصيل سان لکندس.
روم سلطنت جي دوران غلاميءَ جي هڪ عجيب تاريخ آهي. صرف سيزر انهن غلامن مان عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪري چڏيو هو جيڪي هن گال جي فتح تي قيد ڪيا هئا. گال جي هارايل حڪمران سندس آڏو پاڻ کي اچي پيش ڪيو، چي، مون کي قتل ڪري هنن عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪريو. جنهن تي جوليس سيزر انهن کي آزاد ڪري کيس قيد ڪري چڏيو،ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مارائي چڏيائينس. غلاميءَ جي زنجير هن ڪولوسيم جي تعمير ٿيڻ سان آهستي آهستي وڌندي ويئي تنهن ڪري چوندا آهن ته جيڪي به تعميرات ٿين ٿا ، انهن جي پويان نيت کي سندن ايندڙ نسل يا ته لوڙهيندو آهي يا وري ان مان لاڀ حاصل ڪندو آهي. هن وقت جي زماني ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسڪول، لائبرري يا ڪو تعليمي ادارو قائم ڪري ٿو ته اهو نسلن تائين انساني نسل کي ڪم اچي ٿو پر جيڪڏهن هو وڏا مقبرا تعمير ٿو ڪرائي ته اهي ماڻهوءَ کي شخصي عبادت ۾ مشغول ڪري ٿا ڇڏين ۽ هڪ طرح سان انسانيت جي خدمت کان محروم ڪري ٿا ڇڏين.
ڪولوسيم کي ڏسڻ لاءِ 5000 کان وڌيڪ ماڻهو روز اچن ٿا ۽ آن لائين ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ وارن جي لائين الڳ آهي جيڪي جلدي داخل ٿي سگهن ٿا ۽ ساڳي ٽڪيٽ ۾ رومن فورم جي داخلا پڻ آهي جتي جوليس سيزر سميت سمورن رومن حڪمرانن جون قبرون ۽ ٻيون يادگارون آهن. ڪولوسيم جي مڪمل ايراضي 258300 ڇورس فوٽ آهي. جنهن ۾ چار منزلون آهن. هر منزل تي 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ويهي سگهن ٿا. تهه خاني ۾ غلامن جا جيل آهن ۽ پاڻي جي نيڪال جو سرشتو پڻ آهي. جنگين مان حاصل ڪيل غلامن کي سخت پورهيو ڪرايو ويندو هو ۽ انهن مان ئي وڏا جنگي جوڌا جڙي راس ٿيا جن کي تاريخ ۾ گليڊيئيٽرز چئجي ٿو. ڪي ڪي گليڊيئٽرز ايترا مشهور هوندا هئا جو خود رومن حڪمران به انهيءَ سان جنگ جوٽي هئي. رومن حڪمران مارڪس ايليس جو پٽ ڪموڊوس جيڪو 161 عيسوي ۾ پئدا ٿيو ۽ 191 عيسوي ۾ گليڊيئيٽر جي هٿان مارجي ويو. ان همراهه تي ڪيئي فلمون ۽ ڊاڪيومينٽريز فلمايون ويون آهن تنهن ڪري يقين سان نه ٿو چئي سگهجي ته ڪهڙي طرح کيس هڪ گليڊيئيٽر قتل ڪري ڇڏيو. چيو اهو ٿو وڃي ته هن مارڪ ايليس حڪمران بنجڻ لاءِ کيس تلوار بازيءَ جي سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ انهيءَ جي دوران ئي مارڪ ايليس مري ويو ته ڪموڊس حڪمران ٿي ويو. ان وقت سندس عمر 30 سال مس هوندي. ان گليڊيئيٽر جو نالو نارسيسس هو جيڪو رومن رانديون ڪندو هو پر بهادر گليڊيئٽر سمجهيو ويندو هو. هن کان ڪير به ڪولوسيم جي تماشگاهه ۾ کٽي نه سگهيو هو. سندس ڌاڪ ملڪان ملڪ مشهور هئي.ڪموڊوس جڏهن ته نوجوان هو ۽ کيس اڃان حڪومت هلائڻ جو تجربو به ڪونه هو تنهن ڪري پاڻ کي وڏو سپاهي ٽابت ڪرڻ لاءِ هن نارسيسس کي ڪولوسيم ۾ وڙهڻ جي آڇ ڪئي جنهن تي سندس زال ۽ سمورن وزيرن کيس منع ڪئي پر هو موت کي دعوت ڏيڻ لاءِ آتو هو تنهن ڪري تاريخ مقرر ڪري عام دعوت ڏنائين. چون ٿا ته انهيءَ ويڙهه ۾ سمورو ڪولوسيم ڀرجي ويو هو ۽ ڪيئي ماڻهو ديوار کان ٻاهر بيهي نتيجي جو انتظار ڪري رهيا هئا. هن زماني ۾ هر ويڙهه يا سينيٽ جي فيصلن جو اعلان روم فورم ۾ سينيٽ هال جي ٻاهران ائين اعلان ڪندو هو جيئن پاڻ وٽ ڪورٽن جي ٻاهران قيدين جو سڏ ٿيندو آهي.
هي رومن حڪمران جو قتل ڪولوسيم جي تاريخ جو عجيب ترين واقعو آهي . تهه خاني ۾ اندر شينهن ۽ غلام کي گڏ قيد ڪيو ويندو هو جيئن غلام دهشت جي اندر رهي پر اهڙين سختين جي ڪري غلامن مان رومن فوج وڌندي رهي ۽ انهن غلامن کي استعمال ڪري هنن فتوحات حاصل ڪيون.
جڏهن کان مان رومن مملڪت جي تاريخ تي لکڻ شروع ڪيو آهي، ڪيترن ڪتابن توڙي فلمن وغيرهه جي ڏسڻ کان پوءِ هي ڪيفيت طاري ٿيندي ويئي آهي ته انسان ڪيئن اقتدار خاطر پنهنجي طاقت جو ڏيکاءُ ٿو ڪري. رومن مملڪت جي تاريخ ۾ ڪولوسيم جي ان ڪري به اهميت آهي جو هنن ڀرپاسي جي ملڪن تي دهشت قائم ڪرڻ لاءِ هتي انتهائي خطرناڪ ويڙهيون ڪرايون ته جيئن حڪمران هيسيل رهن. مصر ، يونان ۽ هن وقت جو فرانس، جرمني بيلجيئم انهن ڏينهن ۾ رومن مملڪت جو حصو هئا جڏهن ته ڪيئي ڀيرا مصر رومن جي قبضي ۾ رهيو ته ڪڏهن وري مصرين جي قبضي ۾ رهيو.
منهنجي هن ڪتاب جو اصل موضوع اهو آهي ته انسان جي جبلت ، وحشي عادتون ساڳيون آهن چاهي اهو 2000 سال اڳ رومن مملڪت جو دور هجي يا هن وقت جو گڏيل قومن جو آئين هجي. گڏيل قومن ۾ دنيا جي 5 طاقتن کي ويٽو پاور ڏيڻ انهيءَ ڳالهه جي وڏي نشاندهي ٿو ڪري ته چاهي ڪيتري به زوراوري ٿئي پر انهن طاقتن مان ڪابه طاقت انهيءَ فيصلي کي رد ڪري سگهي ٿي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهڙي قانون کي بنائڻ ۾ دنيا جي جمهوري طاقتن ڪيئن هاڪار ڀري. سو دنيا جي تاريخ کي ڇيڙي کان ڏسجي ته قانون بنائڻ وارا اهڙو قانون جوڙين ٿا ته جيئن اصل واڳ سندن هٿ ۾ رهي ته پوءِ جمهوريت جو رڳو نالو استعمال ڪيو ٿو وڃي.
هن دور ۾ جيئن دنيا جي 7 رياستن نيوڪليئر بم ظاهر ڪري پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو آهي ته جيئن ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ تفاوت نه ٿي سگهي. تازو ڊرون حملن ۽ انهن جي ڪري ڪيئي مظلوم ماڻهن جو قتل عام جاري آهي پر ميڊيا جي ذريعي اهڙا جابر اهڙن حملن کي انساني حقن جو بچاءُ سڏين ٿا پر حقيقت ۾ دهشت گردي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مسلسل فلسطينين تي گازا ۾ فليٽن توڙي اسپتالن تي حملا ڪري دهشت گردي ڪئي پيئي وڃي. دنيا کي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڏيکاري هيسيل رکيو ويو آهي. ڪنهن کي طاقت ناهي ته هو اهڙن حملن جي عيوض اسرائيل سان تعلقات ختم ڪري يا وري گڏيل قومن انهن تي ته اهڙيون پابنديون نه لڳايون آهن جهڙيون سالن کان ايران تي لڳل آهن. جڏهن ته ايران کان هزار ڀيرا وڌيڪ اسرائيل انساني حقن جي لتاڙ ڪئي آهي.
هن دور ۾ به ڪولوسيم جهڙا قتل گاهه آهن ۽ رومن جيان زوريءَ دنيا تي حڪومت ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں