سدا مرڪندڙ شاعر شڪيل پريالوي

پروفيسر سرور سيف
سنڌي شاعري جو ڪينواس ڏاڍو وسيع آھي ،سومرن جي دور کان شاعرن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جھولي ۾ مسلسل رنگ برنگي گل پئي وڌا آھن ،سومرن جي دور جي ڀاڳو ڀان ۽ سمنگ چارڻ جا شعر ته اسان کي ڀٽن ڀانن چارڻن جي سيني بسيني منتقلي ڪري محفوظ رھيا پر شاعري جو جھان ته سنڌ جي ھزاھا سال ڄمار سان گڏ ئي سرجيو رھيو ھوندو جو بد قسمتي سان محفوظ رھي نه سگھيو ،ايستائين جو لپين جي بدل سدل ڪري اسان پنھنجو خزانو سنڀالي نه سگھياسين ،سنڌ ۽ سنڌو ندي جي تعريف جا رگ ويد جي باب چوڏھين ۾ ڪيئي شبد آھن جن ۾ ٿيل شاعري اسان کي پنھنجي مھانتا جي ڄاڻ ڏئي ٿي،سنڌ ڪيئي سھڻا ۽ ساڃھ وند شاعر پيدا ڪيا آھن جن حسن عشق سان گڏ ڌرتي جا ٽھڪ ۽ چھڪ ڳاتا آھن انھن مان ھڪ شڪيل پريالوي آھي جنھن جي گم ٿيل شاعري جي خرار مان ڪا پڻڪي ڪو ٽويو پروفيسر منظور بيدار اسان کي ڪتاب پنڊ پھڻ ڇپائي پسايو آھي ۽ پنھنجي دوستي جو حق ادا ڪيو آھي شڪيل پريالوي پرين جي لوءِ پرين جي شھر ۾ جنميو وڌيو وجھيو پرين جي لوءِ يعني پريالوء مخدوم اسماعيل جو شھر ، جتي پير محمد راشد روزي ڌڻي ۽ بيدل سائين جھڙن شاعرن عالمن به پير گھمايا ھي خطو ته آھي ئي شاعراڻو ڳاڙھي کان پير ڳوٺ تائين گلن ڦلن کجين انبن گلاب جي گلن سان جنجھيل ايندي ويندي رستي پمڌ ڇڙيون ھٻڪارون سڳند ئي سڳند گلابن جي ھن ديس ۾ ھر جيو نرملتا سان پر، ته ڪو نه چاھيندي به قدرت جي آشڪارن ۽ فطرت جي حسن ڏسي شاعر ٿي پوندو ھتي سليم ڳاڙھوي ،ولي محمد نديم انصاري عبد مڱريو خادم رفيقي نزير شھزاد شوڪت بخاري منير سولنگي منصور ميراڻي جھڙا دلبند شاعر اديب جنميا ۽ اتي سجاد ميراڻي روشن شيخ سميت ڪيئي علم و ادب جي خدمت ڪندڙ دوست اڄ به پنھنجي قلم سان لا زوال تخليقون سرجي رھيا آھن جتي سرمد(رحمان مغل ) ۽ احمد مغل جھڙامغني ڄاوا جن جي آواز سڄي سنڌ کي موھيو، انھي دلبر خطي ۾ سنڌي ٻولي جو حسن پرست شاعر شڪيل جنميو ،سندس والد برٽش انڊيا جي آرمي جو ويڙھو سپاھي ھو اصل ڪشميري راجپوت ھو ٻي مھاڀاري لڙائي ۾ حصو وٺڻ ۽ جوھر ڏيکارڻ تي انگريز سرڪار کيس ھن علائقي ۾ زمين الاٽ ڪئي ۽ پوء لڏي پلاڻي پريالوء اچي ويٺو ٻني سنڀاليائين باغ ھنيائين ۽ پاڻ کي سنڌي رنگ ۾ رڱيائين پنھنجي ٻارن کي سنڌي پڙھايائين جن مان شڪيل به ھڪ ھو شڪيل پنھنجي نالي جيان شڪيل ھو ھن جي سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌين سان گذري ۽ سنڌ سان ايئن واڳيو جيئن سرمد ۽ احمد جيڪڏھن ڪير کين غير سنڌي ھجڻ جي طنز ڪندو ھو ته سندن اکين مان لڙڪ لڙي پوندا ھئا ،شڪيل سنڌي ادبي سنگت جوميمبر ھو سکر س ا س جي ھفتيوار ڪچھرين ۾ پنھنجي نڪور شعر سان ھميشه حاضر سدائين مرڪندڙ وڏاوڏا ٽھڪ ڏيندڙ پر سندس اندر ۾ ھيرڻ پن جيان ڏارون ھونديون ھيون سندس من ۾ دک جو درياء ھو جنھن جي ڪجھ ويجھن دوستن کي ئي خبر ھئي ھن سان ڪيڏا ويل وھيا ھن جي پيء کي بي دردي سان قتل ڪري سندس لاش به گم ڪيو ويو جيڪو ڪجھ ڏينھن بعد واھ مان نڪتو سندس جيون ساٿياڻي ان صدمي ڪري ڊليوري دوران وڃي الله کي پرتي پنھنجي پيء جي خون سان انصاف لا۽ ٻاڪاريندو رھيو وڙھندو رھيو پر کيس انصاف ڏيڻ بجاء لاڪپ ۽ سينٽرل جيل ڏيکاريو ويو, ۽ ٻئي پاسي کيس نوڪري دوران ھميشه تنگ ڪيو ويو ھر ٽئين چوٿين مھيني بدلي پر انھن حالتن ۾ به ھن سنڌ ۽سنڌين سان سنڌي ٻولي سان وفا تي حرف اچڻ نه ڏنو ،مون کي ياد آھي ته ھن جڏھن ايم اي سنڌي جو امتحان ڏنو ته سندس پوزيشن ماري وئي مون کي ان وقت جي رجسٽرار ٻڌايو ته ھن جي پوزيشن ھئي پر ھڪ اڌ پروفيسر ۽ يونورسٽي جي آفيسرن ۽ ڪرتا ڌرتائن جي چوڻ ۽زور بار ڪري ايئن ڪيو ويو ۽ وري ليڪچرار جي سليڪشن ۾ به کيس مڪمل نظر انداز ڪيو ويو سبب ته ھو پيء ناتي سنڌي نه ھئي سندس گھر ۾ پنجابي ڳالھائي ويندي ھئي ،اھو ئي رويو آھي جنھن تفريق کي وڌايو آھي اسان وٽ شڪيل سميت ڪيئي اھڙا لاجواب شاعر ۽ نثر نگار آھن جن ني گھرن ۾ اردو پنجابي سرائيڪي ڳالھائي ويندي آھي پر انھن ھميشه سنڌي ۾ لکيو آثم ناٿنشاھي ،حنيف عاطر شڪيل ان جا مثال آھن،ڀلا ٻڌايو ته سرمد کان وڌيڪ ڪير سنڌي آھي سرمد ۽ احمد جيڪي قومي ڪلام ڳائين ٿا يا ممتاز مولائي جھڙا ولگر ۽ فحش گانا ڳائيندڙ شڪيل ھر صنف تي لکيو ھن کي ھڪ پاسي علم عروض تي دسترس ھئي ٻئي پاسي ڇند وديا تي ھو غزل گيت وائي نظم جو دلبند شاعر ھو ھن جي شاعري جا موضوع فطرت فطرت جي حسناڪي سماج جون اوڻايون ،انياء طبقاتي ڪشمڪش ۽ عوامي سڄاڳي رھيا ھيٺ سندس ڪجھه شعر ڏجن ٿا ۽ ڏسو ته سندس شاعري ڪيڏي شيرين ۽ تلخ آھي ھن پنھنجي اندر ۾ ڀريل ڪؤڙاڻ کي ڪيئن لفظن ۾ اوتي شعر ۾ پلٽيو آھي
ڏينھن کي جيئن رات ويڙھي وئي
سچ پچ ساھ کي ايئن سڪرات ويڙھي وئي
ڪجھ ته انصاف ڪرين ھا ظالم
پر توکي به ضروريات ويڙھي وئي
-حسن جي حرفتن تي ڇا لکان مان
قلم رنگريز لفظن کي ڇري پيو
-ڦڙ ڦر جي تسلسل سان ته پٿر به پون ٽڙڪي
لفظن جا ابابيل ھي ڊاھيندا نه ڇا ھاٿي
-ڪھڙو ڪھڙو سليان زماني سان
سور ڪيئي لڪائڻا ٿا پون
-بنا کڙ تيل جي مان جي رھيو ھان
ولوڙي جسم پنھنجو پي رھيو ھان
۽ آخر ۾ ھي شعر ڏسو
منھنجي درخوستن تي غور ڇو ڪن
مليو ھت ڪنھن کي ڦل آ محنتن جو
نه پڇ لٽڪائي نوسي پير سنگھيم
وزيرن جي ھو ڪوٽا ۾ لکن ڇو

شڪيل سڀ درد اندر ۾ پاليا سورن سندس جگر گھايو ۽ 1999ع ۾ رت جون الٽيون ڪري ھن سماج جي منھن ۾ ٿوڪاري وڃي اتي پھتو جتان ڪير به ناھي موٽيو ۽ سنڌ امڙ جي ھنج ۾ سمھي پيو ته امڙ سنڌ مان تنھنجو ئي آھيان ۽ جيجل سنڌ پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں