عمرڪوٽ(ڊ ر ) سنڌ جو ناميارو قومي ڪارڪن سيد ۽ سنڌ جو عاشق ماما جمن دربدر 80 سالن جي ڄمار ۾ دل بيھڻ سبب عمرڪوٽ لڳ پنھنجي اباڻي ڳوٺ روحل واء ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس وفات جي خبر سڄي سنڌ ۾ ڏک جي پکيڙي ڇڏي جڏھن ته لاڏاڻي بعد وڏي تعداد ۾ اديب ليکڪ سياسي سماجي اڳواڻ سندس تڏي ڳوٺ روحل واء تي پُھتا جڏھن ته سڄي سنڌ مان قومپرست اڳواڻن دانشورن اديبن ۽ قومي ڪارڪنن جي وڏي انگ جمن دربدر جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي مرحوم جي جنازي نماز نامياري عالم دين مولانه عبدالقادر جمالي پڙھائي جڏھن ته سندس مڙھ کي جڏھن پنھنجي آخري آرام گاھ ڏانھن اماڙڻ لاء کنيو ويو ته سڄو ماحول سوڳوار ٿي ويو ڪيترائي عزيز قومي ڪارڪن اديب شاعر ۽ ساٿي اوڇنگارون ڏيئي روئيندا رھيا آخري رسمن وقت سندس مڙھ کي جيئي سنڌ جي جھنڊي ۾ ويڙھيو ويو ۽ آخري سفر دوران سنڌ جي نامياري صوفي راڳي مانجھي فقير پنھنجي سُنگھ سميت شريڪ ٿي چپڙي ۽ يڪتاري سان سندس مشھور گيت وٺي ھر ھر جنم وربو ڳائي ڀيٽا پيش ڪئي ان دوران وڏي انگ ۾ شريڪ قومي ڪارڪن جيئي سنڌ جا نعرا ھڻي کيس آخري قومي سلام پيش ڪندا رھيا جمن دربدر کي ھزارين سوڳوارن جي موجودگي ۾ ڳوٺ روحل واء جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو تدفين بعد سندس آخري آرام گاھ تي قومي ڪارڪنن قوئي ترانو ڳائي سلامي پيش ڪئي جڏھن ته جنازي نماز ۽ تدفين واري آخري رسمن ۾ ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاه, جسقم چئيرمين اسلم خيرپوري, اديب تاج جويو, اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي, ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي, پنھل ساريو، صوفي راڳي مانجهي فقير, شفيع فقير, سڪندر شفيع فقير قومپرست اڳواڻن جي ايم ڀڳت وڪيل علي حسن چانڊيو خليل ڪنڀر دولت رام کتري سڪيلڌو راھمون علي اڪبر راھمون ڪامريڊ نندلال مالھي فقير نور جادم منڱريو سيد سرفراز شاه, سيف الله خالد سراج سومرو, دلاور مالڪاڻي, ناز سهتو اڳوڻي ايم پي اي حاجي علي مراد راڄڙ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئنور محمد علي خشڪ قومپرست اڳواڻ سورھيه سنڌي آڪاش ملاح عطا چانھيون وڪيل اندرجيت لوھاڻو ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو ڌڻي بخش سولنگي امير آزاد پنھور ڪرشن شرما جميل ڌونڪائي ارباب ڀيل جلال ڪوري پروفيسر انعام ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي مرحوم جمن دربدر جي سوڳوارن ۾ 5 پٽ ۽ 5 نياڻيون شامل آھن سندس تعزيتي تڏو اباڻي ڳوٺ روحل واء ۾ وڇايو ويو آھي.
ماما جمن دربدر شروعاتي تعليم عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي
هن 1962 ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي، ميرپورخاص مان 6 مهينن جو ڪورس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو جمن دربدر 1970 کان جاتي،سجاول،ڍورو نارو ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪيائين عمرڪوٽ:جمن دربدر شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيائين. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو، 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ميرپورخاص مان (6 مهينن جو) ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو. 1970 ع کان جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪيائين عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيائين، بعد ۾ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي سفر دوران سجاول ۾ هن جي سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي ۽ هن جي خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر سان ويجهڙائيءَ سبب قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو
جمن دربدر جو تعلق ساند قبيلي سان هو
عمرڪوٽ:”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ جهڙو لافاني گيت سرجيندڙ شاعر ۽ قومپرست جمن ’دربدر‘ ساند قبيلي سان تعلق هو. هن عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ 12 مئي 1944ع تي جنم ورتو. سـنـدس والـديـن بنـيـادي طـور مسڪين ۽ مال تي گذرسفر ڪندا هئا. سندس والد هاري هو
جمن دربدر هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس رهيو
عمرڪوٽ:جمن دربدر هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس رهيو. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو. جهڙوڪ: (1) بدنصيب ٿري، (2) سکن وارو سج، (3) گلن واري ڇوڪري، (4) آس، (5) ڏک ۽ ڏڪار، (6) چنڊ لڳي ٿو لولو، (7) ٽرڙو عاشق، (8) لڱ به منهنجا لوهه، (9) جابر وڏيرو. آخري ٻه ڊراما هن سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ڪيا، جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾: ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽ ’ٽرڙو عاشق‘ شامل هئا.
ماما جمن شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي
عمرڪوٽ:جمن دربدر لاجواب شاعر هو، هن شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪئي. جمن دربدر جو هيٺيون ڪلام سنڌ ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو. جنهن کي سائين جي. ايم. سيد اڪثر ورجائيندو هو سندس شاعري مشهور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي آهي. جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار هو، هو اسٽيجن تي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهندو آهي.
جمن دربدر 1987 ۾ ”شاهه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي
عمرڪوٽ:هن 1987ع ۾ سنڌي عورتن جي سنسٿا (تنظيم) مارئي، دهلي پاران منعقد ٿيل ”شاهه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ڳايل سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان نشر ٿيندو رهيو. هن ڊراما آرٽسٽ طور ڪيترائي ميڊل ۽ ڪپ حاصل ڪيا. سائين. جي. اي. سيد کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان به ويجهڙائي رهيس. قومي سرگرمين کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به حصو ورتائين.