سنڌ جو گورنر ڪرپٽ آهي، ڪامران ٽيسوري مولاجٽ کان گهٽ نه آهي: عمران خان

سرگوڌا (م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڪرپٽ شخص کي گورنر لڳايو ويو آهي، سنڌ جو گورنر مولاجٽ کان گهٽ نه آهي. سرگوڌا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جن کي جيلن ۾ هجڻ گهرجي انهن کي چوڪيدار بڻايو ويو آهي. عمران خان چيو ته ملڪ هن وقت فيصلائتي موڙ تي بيٺل آهي، قوم کي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻو پوندو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان حقيقي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، جلد لانگ مارچ جو سڏ ڏيندس. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان تي چورن کي مڙهي ڇڏيو، ڪنهن دشمن جي ضرورت ئي ناهي. سرگوڌا يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته يونيورسٽيون مستقبل جي ليڊرن جون نرسريون هونديون آهن، انٽرنيشنل سياستدان برطانيا ۾ شاگردن کي خطاب ڪندا آهن، سڀني کي يونيورسٽين ۾ اچڻ گهرجي، مان چاهيان ٿو ته بلاول به توهان جي سامهون بيهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هو چوندو هڪ ڳالهه ۽ سمجهه ۾ ڪجهه ٻيو ايندو، جڏهن ته مون کي يقين آهي جيڪڏهن شهباز شريف هتي آيو ته توهان کان پئسا وٺڻ شروع ڪندو. هن چيو ته اسان تي چورن جو ٽولو مڙهيو ويو آهي، منهنجو نالو ٻڌندي ئي انهن جون ڄنگهون ڏڪنديون آهن، ملڪ هن وقت فيصلائتي موڙ تي آهي، جيڪي ملڪ خوشحال آهن اتي انصاف جو نظام آهي، قانون جي حڪمراني آهي ۽ جتي ائين ناهي اتي تباهي آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ ملڪ جو وزيراعظم ان کي بڻايو ويندو آهي، جنهن کي 16 ارب رپين جي ڪيس ۾ سزا ٿيڻي هئي، آصف زرداري تي چوري جا ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ نيب آصف زرداري جا ڪيس ختم ڪندو پيو وڃي، سنڌ جي گورنر کي ڏسو ۽ مولا جٽ کي ته ڪو فرق نظر نه ايندو. عمران خان چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ مارچ جو اعلان ڪندس، اها سياست نه ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ جهاد آهي، چورن جي غلامي کان موت بهتر آهي، انهن کي چونڊن ۾ شڪست ملي رهي آهي، پنهنجي امپائر جي آڱر کڻائي به هارائي ٿا وڃن، توهان جو ڪپتان انهن چورن جو مقابلو ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں