سنڌ حڪومت امدادي سامان ورھائڻ بجاءِ لڪائي ڇڏيو آھي: سراج الحق

پکو(ن س) سنڌ حڪومت امدادي سامان ورھائڻ بجاءّ لڪائي ڇڏيو آھي اتحادي سرڪار سان موجوده حالتن تي گڏ نٿو ھلي سگھجي عوام جي طاقت جو ڪنھن به ڌر سان ڪمپرومائيز نه ڪبو ھن وقت سنڌ ترقي کان قاصر آھي برساتن بلوچستان ۽ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباھ ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي بحالي لاءّ سرڪار کي سوچڻ گھرجي اھڙن خيالن جو اظھار جماعت دعوت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق پکو ۾ ڪارڪنن جي استقبال دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو ھُن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن اتحادي سرڪار عوام جا اھنج نٿي گھٽائي سگھي ته ان سان سياسي اختلاف رکبا ڇو ته خانصاحب جي دور کان وڌيڪ ملڪ ۾ مھانگائي ڪر کنيو آھي غريب طبقو وسائلن جي کوٽ سبب غريب تر ٿيندو پيو وڃي عالمي سطح تي ملڪي روپئي جو معيار ڪيرائي ڊالر کي مٿي ڪيو ويو آھي ملڪي معيشت بنگلاديش جھڙي ملڪ کان به گھٽ ٿي وئي آھي جنھن جي ذميوار موجوده سرڪار آھي جنھن جي اڪانامي ۽ خارجه پاليسي درست ناھي عالمي فھرست ۾ ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي اسحاق ڊار کي اھڙي وقت تي آڻڻ جنھن وقت ملڪي معيشت ڪمزور ٿي چڪي آھي ھاڻ سواءّ اقتصادي پاليسون درست ڪرڻ جي ٻيو ڪو به چارو ناھي جيڪڏھن خساري جو پورائو ڪرڻو آھي ته ادارن ۾ ويٺل بيورو ڪريٽ کان پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ مالي زخيره ظاھر ڪري قومي خزاني ۾ جمج ڪيا وڃن ھُن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حاليه بارشن وڏي تباھي ڪئي آھي روڊ رستا ۽ زراعت سميت سڄو انفراسٽرڪچر ختم ڪري ڇڏيو آھي ان جي بحالي لاءّ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي مشاورت ڪرڻي پوندي ۽ وڏا پراجيڪٽ آڻڻا پوندا ھُن چيو ته جماعت دعوت اسلامي ملڪ گير متاثرن جي خدمت ڪئي آھي راشن خيما ۽ صحت جون سھولتون فراھم ڪري شروعاتي رليف ڏنو آھي ۽ پوري ڪوشش آھي ته جيستائين متاثرن جي ٿيل نقصان جو ازالو نه ٿيندو تيستائين سندن واھر ڪبي ان موقعي تي جماعت دعوت اسلامي امير مولانا سراج الحق سان امير سنڌ محمد حسين محنتي به گڏ ھو ۽ ھڪ وڏي قافلي جي صورت ۾ لاڙڪاڻي طرف روانو ٿي ويو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں