سنڌ کي درياءَ جي پاڻي نه پر بد انتظامي ٻوڙيو، اسان وٽ نيڪال جو جوڳو بندوبست نه ھئو: خالد ميمڻ

ڪراچي (رپورٽ: نصرالله جمالي) اڳوڻي سيڪريٽري آبپاشي خالد ميمڻ چيو آهي ته سنڌ کي درياءَ جي پاڻي نه پر بد انتظامي ٻوڙيو آهي اسان وٽ برسات جي پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندوبست نه ھئو قدرتي لنگهن تي قبضا آھن اسان وٽ برسات جي پاڻي جو متبادل انتظام ھجڻ گهرجي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌو سڀيتا سٿ ۽ ھيومن ڊيولپمينٽ سوسائٽي پاران “سنڌ ۾ سنڌو درياھ تي بئراجن، ڍنڍن، ڍورن، ڪئنالن ۽ واھن کي ڪيئن بھتر ڪجي جيئن ٻوڏ جي وقت نقصان کان بچي سگهجي” واري موضوع تي ڪرايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. خالد ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ متبادل ڪينالس ھجڻ گهرجن ۽ قدرتي لنگھن جي به صفائي ھر سال ٿيڻ گهرجي جڏهن ته اسان کي بلوچستان جي برساتي پاڻي کي محفوظ رستو ڏيڻ گهرجي ھا ھن چيو ته حمل ڍنڍ ۽ منڇر ڍنڍ مان برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪو به مناسب رستو نه آهي اسان کي برسات لاءِ متبادل ڪينالس ٺاھڻ گهرجن ها جڏهن ته اسان کي يارنهن سال جو وقفو ھئو جنهن مان سنڌ سرڪار فائدو حاصل نه ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته ايف بي بند کي ٻيھر ڊيزائين ڪري ان کي وڏي برسات جي نيڪال جي قابل ڪرڻ گهرجي. خالد ميمڻ سنڌو دريا تي ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياءَ کي پندرنهن ميلن کان گهٽائي ٽن ميلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي سنڌو درياءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪناري تي پٿر وجھڻ ڪو به سائنسي حل ناهي پر درياءَ کي پنهنجي قدرتي وھڪري مطابق ٻنهي پاسن کان وڌائي پندرهن ميلن ۾ ڪرڻ گهرجي پاڻيءَ کي وڏي طاقت آهي توهان ھن کي مصنوعي طريقي سان محفوظ ڪري نه ٿا سگهو جيڪڏهن ٻئي پاسا گهٽائندئو ته پاڻيءَ ۾ وڌيڪ زور پيدا ٿيندو ۽ اھو زور شھرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيندو جڏهن ته سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ زميندار بند آهن، او جي ڊي سي ايل جون انسٽاليشن آھن جيڪو ھڪ ڏوھ آهي ھن وڌيڪ چيو ته گڊو ۽ سکر بئراج جي مدي ختم ٿيڻ ڪري ھاڻ انھن ۾ اھا ڪارڪردگي نه رھي آھي ڪوٽڙي بئراج کان اڳيان تمام گهڻي واري جمع ٿيل آهي جنهن ڪري پاڻي جي وھڪري ۾ روڪ پيدا ٿيئي ٿي جيڪا ٻوڏ دوران نقصان جو سبب ٿيئي ٿي ھن سوالن جا جواب ڏيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار لاءِ ھي سال اھميت جوڳا آهن ۽ ڪارڪردگي ڏيکاري ھڪ مڪمل سروي ڪري گڏيل راءِ سان جامع پروگرام جوڙي تڪڙي عمل جي ضرورت آهي جڏهن ته آبپاشي کاتي ۾ غيرتي ماڻهن جي ضرورت آهي. جيڪي سنڌو کي پنهنجو داتا ۽ پاڻيءَ کي پنهنجي ماءُ سمجھن پاڻي جو وڪرو ماءُ جي وڪري برابر آهي. ھن وڌيڪ چيو ته برساتي ڪينالس کي ايمرجنسي ڪٽ ٽيڪنيڪل بنياد تي ڏيڻ گهرجن ھر ھنڌ سياست ۽ اثر رسوخ جو استعمال نه ٿيڻ گهرجي جو چئن بااثر کي بچائڻ لاءِ چار سئو غريب ٻوڙيا وڃن. شھرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي جو نيڪال ٿي سگهي ٿو ان لاءِ ھاء ٽربائين پمپ لڳائي عام ماڻهن جي زندگيءَ کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيمينار جي شروعات سنڌ جي مور شاعر ماما جمن دربدر جي وڇوڙي جي ڏک ۾ ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ خراج تحسين پيش ڪيو ويو پروگرام جي ڪو آرڊينيٽر بدر سومرو، خادم سومرو ۽ سينئر صحافي يونس مھر خطاب ڪيو جڏهن ته آغا سيف الله پٺاڻ، سينئر صحافي مھيش ڪمار، پريل مري، شعيب بڪڪ، لطيف راولاڻي، گل حسن سومرو، پروفيسر اصغر دشتي، ڪامريڊ مول چند، مولانا محمود الحسن کڏي وارو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں