قمبر (ن س) قمبر جي مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن جو ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو واهر نه ٿيڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي همايون خان مغيري، علي محمد کوسو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر ٻوڏ متاثرن جي لاءِ آيل راشن ٽينٽ ۽ ٻيو سامان يونين ڪائونسل جي چيئرمين ۽ من پسند ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪي پاڻ ۾ ناني ويڙھو ڪري ورهائي ڇڏين ٿا. بي پهچ ماڻهو ساڳئي سورن آهن هنن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ کان پوءِ اسان جا ٻچا بک وگهي مري رهيا آهن ٻوڏ دوران گهر چوپايو مال فصل ختم ٿي ويا ٻئي طرف سفارشي وڏيرا ٻوڏ متاثرن جو حق ڦٻائي ويا آهن ڊي سي اڳيان احتجاج ڪيو پر ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي خدارا اسان واهر ڪري زندگيون بچايون وڃن.
