اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ لانگ مارچ خلاف اڳ ۾ ڪو به حڪم جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي ته حڪومت قانون موجب صورتحال کي منهن ڏئي سگهي ٿي، جڏهن ايندو ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته پوءِ ئي اسان مداخلت ڪنداسين. عمران خان خلاف آزادي مارچ جي حوالي سان عدالتي حڪم جي مبينا ڀڃڪڙي تي وفاقي حڪومت طرفان داخل توهين عدالت جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي شامل هئا. ٻڌڻي جي شروعات ۾ اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته گهرو وزارت عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست ڏني آهي، عمران خان اسلام آباد تي ڪاهه کي جهاد قرار ڏئي رهيو آهي، هو تعليمي ادارن ۾ وڃي رهيو آهي، ماڻهن کي اڪسائي رهيو آهي، رياست جي ذميواري آهي ته ماڻهن جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪري. چيف جسٽس چيو توهان چئي رهيا آهيو ته عدالت کي ڪرايل خاطري جي ڀڃڪڙي ٿي؟ توهان چئي رهيا آهيو ته ٻيهر لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جو پلان آهي، توهان قانون موجب صورتحال کي منهن ڏئي سگهو ٿا، آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ انتظاميا جي ذميواري آهي، انتظاميا پنهنجو پاڻ کي صورتحال لاءِ مڪمل تيار رکي، جڏهن ڪنهن به پاسي کان قانون جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته مداخلت ڪنداسين. هن چيو جڏهن به اسان جي مداخلت جي ضرورت پئي ته موڪل ڏينهن به پهچي وينداسين، اسان جو ڪم توازن رکڻ آهي، جڏهن ته احتجاج جو حق به مشروط آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي ليڊر اسان جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا. عدالت اٽارني جنرل کي عمران خان جي اڳوڻي احتجاج بابت عدالتي حڪم تي جمع ڪرايل ايجنسين جون رپورٽون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پوءِ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت طرفان عمران خان خلاف عبوري حڪم جاري ڪرڻ جي اپيل رد ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
