لاڙڪاڻي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ گرينڊ هيلٿ الائنس جو ڌار ڌار احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: اڪبر آزاد ھيسباڻي) لاڙڪاڻي ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرز ۽ گرينڊ ھيلٿ الائينس پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌار ڌار احتجاج ان سلسلي ۾ ڪرونا رسڪ الائونس ختم ڪرڻ خلاف ليڊي هيلٿ ورڪرز طرفان ڪالهه ٻئي ڏينهن به لاڙڪاڻو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي ليڊي هيلٿ ورڪرن ريشمان لانگاهه، نسرين سومرو، غلام زهره سولنگي، بينظير چنه، سلميٰ تونيو ۽ ٻين چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کان پوليو جا ڦڙا پيارڻ، مختلف بيمارين کان بچاءَ لاءِ ويڪسين لڳرائڻ، ٻوڏ متاثرن جي علاج سميت هر قسم جو اضافي ڪم ورتو وڃي ٿو، جڏهن اسان گرمي توڙي سردي جي موسم ۾ گهر گهر وڃي عورتن کي علاج جو سهولتون فراهم ڪريون ٿا، هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڪجهه وقت اڳ ڪرونا وبا ڦهلجڻ دوران صحت کاتي جي ملازمن کي ڪرونا رسڪ الائونس ڏيڻ شروع ڪيو هو پر هاڻي سنڌ حڪومت ڪرونا رسڪ الائونس ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري صحت کاتي جي ٻين ملازمن سان گڏ ليڊي هيلٿ ورڪرز پڻ بيچيني ڦلهجي وئي آهي، ھنن چيو ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي اچڻ کان پوءِ هر طرف مختلف وبائي بيماريون ڦهلجي ويون آهن اهڙي صورتحال ۾ ڊيوٽي ڪرڻ دوران بيماريون لڳڻ جو خطرو هر وقت موجود رهي ٿو، جڏهن ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب ملندڙ پگهارن مان گهر جو گذر سفر ڪرڻ انتهائي مشڪل بڻجي چڪو آهي اسان هيلٿ ورڪر صحت کاتي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جو درجو رکندا آهيون ۽ هر قسم جي مريضن جي سار سنڀال ڪندا آھيون ان ڪري سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي کان گهر ٿا ڪريون ته رسڪ الائونس بحال ڪري پگهارن ۾ ضم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوليو ڪرونا ويڪسين سميت ۽ ٻين ڪمن جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين. ٻئي پاسي لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسئيشن، ينگ ڊاڪٽرس ايسوسئيشن ۽ ينگ نرسز ايسوسئيشن طرفان رسڪ الائونس جي بحاليءَ لاءِ پنجين ڏينهن به لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۽ شيخ زيد وومين اسپتال جي جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي سٽي او پي ڊي ٻاهريان ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف يونٽ چانڊڪا اسپتال جي صدر شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار علي سهتو، ڊاڪٽر فهيم خشڪ، زبير منگي، زاهده خاتون ۽ ٻين چيو ته اسين سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته فوري طور رسڪ الائونس وارو ظالماڻو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ٻيا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي مٿان هوندي. هوڏانهن او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب ڪالهه پنجين ڏينهن به ڏورانهن علائقن مان آيل مريض بغير علاج جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد پنهنجي وارثن سان گڏجي روانا ٿي ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں