مهتاب اڪبر راشدي جي سگا جي چيئرپرسن تان استعيفى منظور

ڪراچي (بيورو) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي هنگامي گڏجاڻي 20 آڪٽوبر 2022ع تي سگا هيڊ آفيس، ڪراچي ۾ علي حسين بروهي وائيس چيئرپرسن جي صدارت ۾ٿي گذري، جنهن جي ڪارروائي ولي محمد روشن سيڪريٽري جنرل هلائي. هنگامي گڏجاڻي ۾ سگا جي اهم تنظيمي معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ محترمه مهتاب اڪبر راشدي جي چيئرپرسن جي عهدي ۽ پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي عهدن تان استعيفائن کي گڏجاڻي ۾ پيش ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ ٻنهي جون استعيفائون منظور ڪيون ويون ۽ ان بعد چيئرپرسن جي خالي ٿيل عهدي تي نئين چيئرپرسن جي چونڊ ڪئي وئي۽ علي حسين بروهي کي چيئرپرسن چونڊيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ طرفان چيئرپرسن علي حسين بروهي کان پنهنجي عهدي جو قسم کڻايو ويو. گڏجاڻي ۾ پبلڪ اسڪول گڏاپ بورڊ نئين سر جوڙيو ويو ۽ بخش علي لاکو کي پبلڪ اسڪول گڏاپ جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. سگا جي چيئرپرسن علي حسين بروهي گڏجاڻي کي پنهنجي سربراهي واري خطاب ۾ محترمه مهتاب اڪبر راشدي جي چيئرپرسن سگا جي حيثيت ۾ ڪيل خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته سگا جي سمورن عهديدارن ۽ ساٿين لاء دلي احترام آهي ۽ سگا جي سمورن ساٿين کي پنهنجي سماجي ۽ رضاڪاراڻي فڪر ۽ خدمتن تي وڌ ۾ وڌ توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق رکڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں