نوابشاهه ۾ ينگ ڊاڪٽرز ۽ گرينڊ هيلٿ الائنس جي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌ حڪومت پاران ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جو ڪورونا رسڪ الائونس بند ڪرڻ واري عمل خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ گرينڊ ھيلٿ الائنس ۽ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن پاران ڊاڪٽر محسن مينگل، ڊاڪٽر فراز ڪيريو، ڊاڪٽر عرفان جمالي، ڊاڪٽر رفيق ڪلوئي، ساوڻ سنڌي، در محمد بھراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم ايس آفيس پي سي اسپتال کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نواب شاهه پريس ڪلب پھتي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران اسان ڊاڪٽرن جو رسڪ الائونس بند ڪري اسان سان ظلم ڪيو آھي، ھنن چيو ته ڪورونا سميت ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون آھن ۽ اسان رسڪ کڻي انھن جو علاج ڪيون ٿا جڏھن ته اسان جا ڪيترائي ڊاڪٽر پنھنجون جانيون به وڃائي چڪا آھن ليڪن سنڌ حڪومت ھڪ ليٽر ذريعي اسان جو رسڪ الائونس بند ڪري اسان سان ناانصافي ڪئي آھي، ھنن چيو ته ھن مھنگائي جي دور ۾ اسان ڪجھه ھزارن تي ڏورانهن علائقن ۾ پنھنجون زندگيون داءُ تي لڳائي مريضن جون زندگيون بچايون ٿا ليڪن سنڌ حڪومت کي اسان جو ڪوبه خيال ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جو ھيلٿ رسڪ الائونس مستقل بحال ڪيو وڃي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو سروس اسٽيڪچر بحال ڪيو وڃي، سپورٽنگ اسٽاف جو ٽائيم اسڪيل بحال ڪيو وڃي ڊيپوٽييشن پاليسي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ 22 آڪٽوبر تائين او پي ڊي جو بائيڪاٽ جاري رھندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں