نوشهروفيروز(ڊ ر) پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان ڳوٺ گهيڙ گجو جي رهواسين اکين جي نور کان محروم محمد قاسم،غلام مرتضيٰ،غلام شبير،غلام رڪيه،بلاول سومرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي ته اسان جي خاندان ۾ 11 کان مٿي ڀاتي اکين جي نور کان محروم آهيون جيڪي ڪابه مزدوري وغير ڪرڻ جي قابل ناهيون رهيا ۽ تازو ٿيل برساتن سبب تمام گهڻو نقصان اسان اکين جي نورکان محروم فردن جو ٿيو آهي.۽ اسان کي هن وقت تائين ڪنهن به سياسي پارٽي جي اڳواڻ جا چونڊيل نمائدن ۽ ضلعي گورنمينٽ پاران ڪجهه به ناهي مليو جنهن ڪري مجبور ٿي اسان اکين جي نور کان محروم ماڻهو ڊي سي نوشهروفيروز جي آفيس ۾ ويا سين جتي ڊي سي آفيس ۾ ڪون هو ته اسان درخواست کڻي اي.ڊي.سي ون نوشهروفيروز سان ملڻ لاءِ جئين سندس آفيس جي در تي پهتا سين ته ٻاهر ڊيوٽيءَ تي ويٺل پوليس اهلڪارن اسان کي اندر موڪلڻ بجاءِ اسان جي مٿان تشدد ڪيو ۽ اسان کي دڪا ڏئي ڊي سي آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو جن جي اهڙي عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري رهيا آهيو ۽ اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان مٿان تشدد ڪرائيندڙ ڪاموري خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين ٻئي طرف مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ ڇٽو خان مشوري جي معذورن ڳوٺاڻن پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪندي غلام مصطفي مشوري نماڻي مشوري سماڻي مشوري شبيرا مشوري منظور مشوري ء ٻين چيو ته اسان جو پورو خاندانن معذور آھي برسات ۾ اسان جا گهر به ڪري پيا هن وقت تائين ڪنهن به اسان جي سار ناهي لهدي نه راشن مليو آھي نه اسان ڪو تينٽ مليو آهي کليل آسمان جي هيٺان ويٺل آهيون جنهن ڪري خاندان جا سڀ ڀاتي بيمارين جي ور چڙهي ويا آھيون اسان سنڌ جي وڏي وزير ۽ ضلع انتظاميه کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان کي گهر ٺاهي راشن ڏنو وڃي
