ڪراچي (بيورو) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريهيبليٽيشن جي ڪم جي شروعات ٿي وئي آهي هن وقت 2 لک 50 هزار متاثر گهرن جو ڊيٽا اچي چڪو آهي، جنهن ۾ تصويرون ۽ ويڊيوز شامل آهن. هن چيو ته ريهيبليٽيشن جي عمل کي شفاف بنائڻ لاءِ تعلقي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جنهن ۾ پاڪستان آرمي ۽ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن کي شامل ڪيو ويو آهي، ته جيئن ڪوئي حقدار جنهن جو گهر ڊهي پيو آهي اهو رهجي نه وڃي ۽ جيڪو حقدار نه آهي، ان ۾ شامل نه ٿي وڃي. هن چيو ته گهرن جي تعمير لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ ڪمپني قائم ڪري ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ آرڪائيوز ۾ جمعرات تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته متاثرن کي گهرن جي تعمير لاءِ رقم ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ گهرن جي تعمير لاءِ متاثرن کي مرحلن ۾ پيسا جاري ڪيا ويندا ۽ تعلقي سطح تي ڪميٽيون ان جي مانيٽرنگ ڪنديون. هن چيو ته گهرن جي تعمير ۾ اين جي اوز کي پڻ شامل ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته جيتري وڏي قدرتي آفت هئي، سنڌ حڪومت ان کان وڌيڪ اسپيڊ سان امدادي سرگرميون ڪيون آهن. وزيراعليٰ سنڌ ۽ ان جي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي. آبپاشي کاتو، مڪاني، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا ڊيواٽرنگ ۽ امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ 30 آڪٽوبر جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، پر ان ۾ وڌيڪ وقت به لڳي سگهي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن سان ڪڏهن به فرار ناهي ٿي، هي هٿ ٺوڪيو پروپيگينڊا جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ ڪيو آهي، هي پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ چونڊن ۾ وڃڻ جو آئيڊيل وقت آهي ڇوته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پاڪستان پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته سمورين سياسي جماعتن کي گڏ کڻي هلي جن جا جائز گريوينسز آهن انهن جو ازالو ڪيو وڃي. هن چيو ته قانون ۾ بهتري لاءِ ھميشا گنجائش ھوندي آهي. ٿرڊ ٽيئر حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنهنجي منشور ۾ شامل آهي. اسان چاهيون ٿا ته چونڊيل نمائندا ميئر ۽ ڊسٽرڪٽ چيئرمين کي اختيار هجڻ گهرجن، ھن چيو ته قانوني مسودي تي ڪم جاري آهي. جيڪڏهن اسيمبلي جو اجلاس هلي رهيو هوندو ته اسيمبلي ۾ ان بل جو مسودو پيش ڪيو ويندو جيڪڏهن اسيمبلي نه هلي رهي هوندي ته آرڊيننس جي ذريعي لاڳو ڪيو ويندو .
