ٽنڊو آدم ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ صحت کاتي جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوآدم ( ن س ) سنڌ جي صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي گڏيل اتحاد گرينڊ ھيلٿ الائينس جي سڏ تي چوٿين ڏينهن به ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم پاران او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن محمد مٺل پنڃارو . ڊاڪٽر امام علي ٻگھيو . ڊاڪٽر اسرار احمد . مبارڪ علي خاصخيلي . حاجی خان خاصخيلي . ڪانڊيرو خان راھو . وسيم خاصخيلي . محمد علي خاصخيلي . نعيم اختر ڪيريو . بابو پالي . سپروائيزر ناھيد ايوب . شھزادي مھر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وبا ھجي يا ٻيون قدرتي آفتون ھجن ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل جي عملي فرنٽ لائين تي پنھنجون زندگيون جوکي ۾ وجھي مريضن جو علاج ڪيو آھي افسوس آھي ته وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوھو ملازمن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ بجاء ڌمڪين تي لهي آئي آھي اسان صوبائي وزير صحت جي غير ذميوار بيانن جي سخت مذمت ڪيون ٿا ميڊم ڊاڪٽر عزرا پيچوھو کان پڇڻ ٿا گهرون ته جيڪڏهن ڪرونا ختم آهي ته پوء اوهان هن وقت ماسڪ ڇو نه ٿا لاهيو برساتن ۽ ٻوڏ ۾ سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي کي منهن صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ڏنو اوهان ته ڪٿي به نظر ڪو نه آيون هاڻي اوهان کي مريضن جو وڏو درد پيدا ٿيو آھي اسان جو رسڪ الائونس بند ڪري هيلٿ ملازمن جي حق تلفي ڪئي وئي آهي ھنن مطالبو ڪيو ته رسڪ الائونس بحال ڪري ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو مسئلي جي حل تائين جاري رھندو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں