ڏيڍ مهينو اڳ برطانيا جي وزيراعظم بڻجندڙ لز ٽرس اوچتو عهدو ڇڏي ڏنو

لنڊن (م ڊ) برطانوي وزيراعظم لز ٽرس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو. برطانوي ميڊيا موجب لز ٽرس بادشاهه چارلس سان ملاقات ۾ کيس پنهنجي استعيفيٰ کان آگاهه ڪيو. لز ٽرس چيو ته مان معيشت جي بهتري جو عزم کڻي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو پر ان مينڊيٽ کي پورو نه پئي ڪري سگهان. سندس چوڻ هو ته مان نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين ذميواريون نڀائيندي رهنديس. واضح رهي ته لز ٽرس مختصر ترين عرصي تائين وزيراعظم جي عهدي تي رهي، کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليندي رڳو 45 ڏينهن ٿيا هئا. ان کان اڳ 1827 ۾ جارج ڪننگ رڳو 119 ڏينهن تائين برطانيا جو وزيراعظم رهيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں