اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن توشه خانه ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پنج سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، سندس قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ سان گڏ ئي عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ عمران خان کي توشه خانه ريفرنس ۾ اثاثا لڪائڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏيندي سندس خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن چيو ته عمران خان جو جمع ڪرايل جواب درست نه هو، عمران خان بدعنواني ۾ ملوث رهيو آهي، سندس قومي اسيمبلي واري سيٽ کي خالي قرار ڏنو ٿو وڃي. اليڪشن ڪميشن قرار ڏنو ته عمران خان ڪرپٽ پريڪٽس ۾ ملوث رهيو، ڪوڙو بيان جمع ڪرائڻ تي آرٽيڪل 63 ون پي تحت کيس نااهل قرار ڏنو پيو وڃي، سندس خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن طرفان فيصلو ٻڌائڻ لاءِ فول پروف سڪيورٽي طلب ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل پڻ موڪليا ويا. اسلام آباد انتظاميا ايس ايس پي جي نگراني ۾ سيڪيورٽي مقرر ڪئي، جنهن ۾ هڪ ايس ايس پي، 5 ايس پيز، 6 ڊي ايس پيز سميت 1150 اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، جڏهن ته پوليس سان گڏ ايف سي ۽ رينجرز جا اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا هئا. اليڪشن ڪميشن ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي به پابندي هئي. فيصلي کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري، اسد عمر ۽ ٻيا اليڪشن ڪميشن پهتا ، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جو دروازو بند ڪيو ويو، جنهن سبب کين گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيڻو پيو. ريفرنس جي دستاويز موجب عمران خان کي توشه خانه مان 14 ڪروڙ 42 لک 42 هزار رپين جا تحفا مليا، جڏهن ته 30 هزار رپين کان وڌيڪ جا تحفا وصول ڪيا ويا. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان انهن تحفن مان 3 ڪروڙ 81 لک 77 هزار رپيا ادا ڪيا ۽ 8 لک رپين جا تحفا ادا نه ڪيا، 29 لک 14 هزار رپيا وصول ڪيا. عمران خان جي گهر واري 58 لک 59 هزار رپين جا هار ۽ ٻيا تحفا 29 هزار 14 هزار وصول ڪيا، جڏهن ته عمران خان واچ، ڪف لنڪس، پين، آڱوٺي 2 ڪروڙ 27 لک رپيا ڏئي حاصل ڪيا. ريفرنس دستاويز ۾ عمران خان کان حاصل ڪيل واچ جي اصل قيمت 85 لک رپيا، ڪف لنڪس جي اصل قيمت 56 لک رپيا، قلم جي اصل قيمت 15 لک رپيا ۽ اڱوٺي جي اصل قيمت 87 لک رپيا آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آگسٽ ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي درخواست تي عمران خان خلاف توشه خانه ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو هو، جنهن ۾ عمران خان جي نااهلي جي درخواست ڪئي وئي هئي. ريفرنس ۾ چيو ويو ته عمران خان توشه خانه مان ورتل تحفن ۽ انهن تحفن جي وڪرو مان حاصل ڪيل رقم جي تفصيل پنهنجي اثاثن ۾ ناهي ڏيکاري.
