حضور پاڪ ﷺ جن حق ۽ سچ جو درس ڏنو، مظلوم ماڻهن جي مدد ڪئي: پروفيسر شاداب حسين

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) گورنمينٽ مسلم سائنس ڊگري ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪالهه محفل ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ هڪ عظيم الشان تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. جنهن بعد ڪاليج جي مختلف شاگردن نعت شريف پڙهي عقيدت ۽ احترام جا گل نڇاور ڪيا ويا. ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر شاداب حسين پنهنجي خطاب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي شان مبارڪ تي روشني وڌي. هن چيو ته حضور پاڪ ﷺ جن حق ۽ سچ جو درس ڏنو، مظلوم ماڻهن جي مدد ڪئي دنيا ۾ وڌي ويل برائين جو خاتمو آندو. هن چيو ته چيو تہ حضرت محمد مصطفيٰ صلعم جي آمد ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت آھي، اسان مسلمان کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. اسان مسلمانن کي اسانجي پيغمبر جي ڏسيل راھ تي هلڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں