دادوءَ جو خزانه آفيسر شهرين جي احتجاج بعد بدلي، پ ٽ الف جو احتجاج جاري

دادو(ڊ ر) دادو ۾ خزانه آفيس جي ڪامورن خلاف احتجاج جي خبر ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد سنڌ سرڪار ٽريزري آفيسر عبدالخالق راهپوٽو کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي ڌڻي بخش جهيجو کي مقرر ڪري ڇڏيو. پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو خزانه آفيس جي ڪامورن خلاف 6هين ڏينهن به احتجاج جاري. غازي خان جمالي، عنايت جمالي، امتياز لنڊ، لياقت ڀٽي، اياز ٿيٻو ۽ ٻين خزانه آفيس جي ڪامورن خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ڊسٽرڪٽ اڪائونٽنٽ آفيسر محمد حسين چنگيزي پٺاڻ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ٽو شاهنواز راهپوٽو کي به هٽايو وڃي فوتي ملازمن جون بيواهون مهينن جا مهينا رٽائرڊمينٽ لاءِ آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن، بنا رشوت جي ڪامورا ڪم نه ٿا ڪن سوين استاد رٽائر ٿيا آهن انهن کي پنهنجو حق نه پيو ملي ملازمن جا ڪميوٽيشن ۽ ايل پي آر بل مهينن جا مهينا نه ملڻ سبب ملازم سخت پريشان آهن، جي پي فنڊ ملازم جو حق آهي ان لاءِ به ملازمن کي رلايو پيو وڃي. چيف جسٽس سنڌ سميت وس وارن ٽريزري آفيسر ۾ ڀرٿي ٿيل وڏيرن کي فوري طور هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں