عمران خان نااهلي ۽ گرم سياسي ماحول

مظهر خاصخيلي
21 آڪٽوبر جو ڏينهن ملڪ جي تاريخ ۾ شايد ان ڪري پڙهيو ويندو جو اڄو ڪي ڏينهن تي نيٺ اليڪشن ڪميشن پاران ڪافي ڏينهن توشه خانه ڪيس هلائڻ کان پوءِ حريڪ انصاف جي چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو صحي آهي. جا وري غلظ ان جي حوالي سان ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا مٿان بحث ڇڙيل آهي.۽ قانون جا ماهر اهو چئي رهيا آهن ته ڪورٽ عمران خان جي نااهلي کي ختم ڪري ڇڏيندي ڇو ته هن ملڪ اندر جيڪي به وزيراعظم آيا آهن انهن سمورن پاران ٻاهرين ملڪن پاران مليل توفن کي جمع ناهي ڪرايو ويو ۽ سزا وري اڪيلي عمران خان کي ٻڌائي وئي آهي. ان نقتي تحت عمران خان کي ڪورٽن مان رليف ملي سگهي ٿو .باقي اصل ڳالهه هن وقت ملڪ اندر جنهن نموني سان سياسي ماحول گرم ٿي ويو آهي. جنهن ڪري اسلام آباد جي اهم ايوانن اندر موجودهه شهباز شريف جي حڪومت کي گهر موڪلڻ جي لاءِ پلان تيار ٿي ويو آهي. جنهن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ملڪي اسٽيبلشمينٽ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪجهه ڏينهن اندر خاص ڪري آڪٽومبر مهيني جي پوئي هفتي ۾ ملڪي سياست مٿان پنهنجون نظرون رکيو ايندڙ تجزئي نگارن جي چوڻ موجب گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. ۽ ڪافي ڳالهيون صاف ظاهر ٿي وينديون ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ اصل ۾ پردي جي پويان ڪهڙي کچڻي پڇائي آهي.باقي ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پنهنجي فيصلي ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي. اسلام آباد ۾ قانون نالي ڪابه شي ءِ نظر نٿي اچي ،ائين لڳي ٿو ته رياست جو ڪوبه وجود ناهي هيءَ ڳالهه ڪو عام ماڻهو نٿو ڪري جا وري ڪنهن سياسي پارٽي جو اڳواڻ چوي ٿو ان ڪري هن ملڪ جي هر اداري سميت سگهارين ڌرين سميت سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي سوچڻ گهرجي ته هن وقت پيداٿيل صورت حال جنهن مان ملڪ جي عدليا کي به ائين ڇو؟ محسوس ٿي رهيو آهي. ته اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا ان کي هلائيندڙن جي غلط پاليسين جي ڪري رياست کي ناڪام سڏيو ٿو وڃي ۽ هڱ به هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ هر وقت پنهنجي مفادن جي لاءِ سياسي پارٽيون ۽ ليڊرٺاهيندي رهي آهي ۽ هتي اصل عوام مان ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽي جا وري ليڊر کي مٿي اڀرڻ ان جي ڪري ناهي ڏنو ويو جو اسان جي اسٽيبلشمنٽ کي انهن ليڊرن مان وڏو خوف آهي ڪٿي اهو جيڪي عوام مان ۽ عوام جا ليڊر هنن پاران ٺاهيل سموري نظام کي ويڙهي اصل عوامي راڄ قائم نه ڪري ڇڏن ان جي لاءِ هر واري عوا کان ويسا گهاتي ڪئي ويندي آهي هڱ به رياست جڏهن شديد بحران جي ور چڙهندي آهي ته پوءِ اتي سمورو معاشرو به تباهه و برباد ٿي ويندو آهي ان کي بچائڻ لاءِ ڪي منصوبا ڪي پلان ڪي رٿون ڪي فيصلا ڪن ترڪيبون جوڙي رياست کي ان بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪي داناءَ ماڻهو ئي فيصلا ڪندا آهن ته جيئن سمورو معاشرو تباهي ۽ بربادي کان ۽ سمورو سماج بچي سگهي ڇو ته انساني فطرت تحت سماج کي دائم ۽ قائم رکڻ لاءِ سماج جي بهتري لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ وٺڻ ئي رياستي حڪمرانن جو فرض هوندو آهي پر بدنصيبي سان ڏٺو وڃي ته پاڪستاني رياست اندر جيڪو هن وقت مالي سياسي توڙي قومي حوالي سان تهذيبن جو ٽڪراءُ نظر اچي پيو ان جو ذميوار ملڪ اندر وقت جو هر حڪمران پوءِ چاهي اهو جمهوري هجي چاهي اهو آمريتي ڇانءَ ۾ پلجندو هجي اهو ڄاتو وڃي ٿو ان ڪري جو پاڪستان ٺهڻ سان جيڪڏهن قومن، تهذيبن، تمدن ۽ ٻولين جي وجود کي تسليم ڪيو وڃي ها ته اڄ هيڏو سارو بحران جيڪو هر دور ۾ ڪر کنيو بيٺو آهي اهو جنم نه وٺي ها پر اهي پاليسيون جيڪي انساني جياپي لاءِ ضروري هونديون آهن اهي ڪڏهن به نه جوڙيون ويون پر انسان جي تباهي لاءِ هر وقت رٿون جوڙيون ويون ان منفي پاليسين ذريعي سامراجي قوتن جي فرمائش تي عوام مٿان جيڪو دٻاءُ وڌو ويو ۽ ان کي غلام رکڻ لاءِ وڌيڪ سازشون ڪيون ويون اهو ئي سبب آهي اهي ئي پاليسيون آهن جن جي منفي سوچ جي ڪري اڄ سمورو ملڪي عوام ٻٽنگو ڦاٿل نظر اچي پيو ۽ هر ماڻهو پريشان حال ڪرپشن کان وٺي ناانصافي تائين جيڪي به هن وقت دانهون ڪيون پيون وڃن ان ۾ اهي سياسي توڙي عسڪري ڌريون به ذميوار آهن جن پنهنجي خواهشن کي پوري ڪرڻ لاءِ جن پنهنجي اقتداري حوس کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به عوام جي ڀلي لاءِ نه سوچيوآهي. پوءِ اها تحريڪ انصاف جي حڪومت هجي جا مسلم ليگ ن جا وري پ پ جي هنن پارٽين هميشه اقتدار ۾ هوندي اسٽيبلشمينٽ ۽ اصل واڳ ڌڻين جا صرف گيت ناهن ڳايا پر انهن جي هر حقم تي لبيڪ ڪئي آهي. پوءِ جڏهن هنن کان اقتدار کسيو ويندو آ.ته اهي پارٽيون انهن مٿان الزام هڻندي پاڻ کي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته اصل اقتدار پردي جي پويان ويٺل ڌرين وٽ هو ۽ هيءُ صرف بنا اختيار جي ڪرسي مٿان ويٺل هئا هيءُ ڳالهه بار بار مٿين ساسي پارٽين جي ليڊرن ۽ اڳواڻن جي واتان ٻڌي ٻڌي عوام هاڻي هنن مٿان اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڀلي پوءِ سياسي پارٽين جا ليڊر ۽ اڳواڻ سڀ سچ چوندا هجن پر عوام کين اقتدار جو بکيو سمجهي ٿو ڇو ته ساڳيون ڌريون وري جڏهن ٻيهراقتدار انهن سياسي پارٽين جي حوالي ڪرڻ جي رڳي انهن ڳالهه ڪري انهن تائين نياپو موڪلينديون آهن ته اهي اڳواڻ هنبوڇيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن هن وقت اهڙي ساڳي صورت حال موجودهه تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي پڻ آهي. جيڪو ڪيترن ڏينهن کان ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪرڻ واري ڳالهه بار بار ڪندي به پنهنجو اعلان ڪري ناهي سگهيو باقي هاڻي ڏسجي ته تحريڪ انصاف جو موقف ڪهڙو ٿو سامهو اچي باقي تجزئي نگارن جو اهو چوڻ آهي.ته اصل واڳ ڌڻين عمران خان سان ٿيل سمور اختلاف ختم ڪري ڇڏيا آهن . ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جا ٻيهر رابطا بحال ٿي ويا آهن جنهن ڪري اصل واڳ ڌڻين عمران خان کي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ۽ موجودهه وزير اعظم شهباز شريف کي ان ڳالهه کان واقف ڪري ڇڏيو آهي. ته ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ نئي آرمي چيف جي اچڻ کان پهريان نگران سيٽپ آندو ويندو جنهن جي باري ۾ ملڪي سياست مٿان تجزيو ڪندڙن جو چڻ آهي. ته سياست کان ڪيترن سالن کان پاسيرو ٿي ويل مشاهد حسين سيد ۽ ناڻي کاتي جو وفاقي وزير رهندڙ حفيظ شيخ جي نالن کي نگران وزيراعظم طور فائنل ڪري ڇڏيو آهي. انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي ملڪ جو نگران وزيراعظم بڻايو ويندو جڏهن ته ملڪ جي ٽن صوبن خيبر پختون خواهه،بلوچستان ،پنجاب جي نگران وڏن وزيرن جي نالن کي به فائنل ڪيو ويو آهي. باقي سنڌ صوبي اندر ڪهڙيون حالتون پيدا ڪريون آهن ۽ ڪنهن کي وڏو وزير ڪرڻ آهي. اها ڳالهه اصل واڳ ڌڻي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن جنهن جي باري ۾ سينئرملڪي تجزئي نگارن جو خيال آهي. پ پ جو رهنماءُ اصف علي زرداري ڪنهن به صورت ۾ سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جي حق ۾ ناهي ان ڪري هاڻي اصل مسئلو سنڌ مٿان ايندڙ حڪمراني ڪنهن جي هوندي جو آهي. جنهن ڪري ڏسجي ته عمران خان کي نااهل ڪرڻ کان پوءِ جيڪو سياسي ماحول جيڪو ڪافي ڏينهن کان وٺي گرم هو جنهن جي وڌيڪ گرم ٿي وڃڻ کان پوءِ ملڪي سياست جون حالتون پنهنجو رک ڪهڙي طرف ٿيون وٺي وڃن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں