راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 5 هفتن کانپوءِ رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته هو ملازمت ۾ واڌ نه وٺندو ۽ 5 هفتن کانپوءِ رٽائر ٿي ويندو.. پنهنجي بيان ۾ جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج هاڻي سياست ۾ ڪردار ادا نه ڪندي.. ياد رهي ته ان کان اڳ به آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا واضح ڪيو هو ته هو ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه وٺندو.
