لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادب واري شعبي جي سھڪار ۽ پيرل قمبر ساھت سنگت پاران ڀٽائي ادبي ھال ۾ ناليواري صوفي شاعر ذلف علي فقير جي شاعريءَ جي ڪتاب “فڪر ذلف فقير جو” جي مھورتي تقريب ٿي گذري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراھو چيو ته ذلف فقير موجوده دور جو نامور صوفي شاعر آھي جنھن پنھنجي شاعريءَ ذريعي سنڌ جي صوفياڻين روايتن کي جلا بخشي آھي. ھن چيو ته تمام گھڻي عرصي کان پوءِ اسان کي صوفياڻين رمزن جو ورجاءُ فقير ذلف وٽ ملي ٿو. ھن چيو ته وحدت نامو اصل ۾ فارسي شاعريءَ جي روايت آھي انهي روايت جي سنڌيءَ ۾ پاسداري ڪرڻ وارو سچل سرمست آھي. ھن وحدت نامو لکيو تنھن کان پوءِ بيدل فقير جو وحدت نامو ملي ٿو جڏھن ته ذلف فقير جو وحدت نامو بيدل فقير جي وحدت نامي جو تسلسل آھي. خاص مھمان امام راشدي چيو ته ذلف فقير پنھنجي ڪلام ذريعي محبتن کي عام ڪيو آھي، ھو بھترين صوفي شاعر آھي جنھن جي شاعري سنڌي شاعريءَ جو سرمايو آھي. پروفيسر جھانگير عباسي چيو ته فقير جي بيتن ۾ زندگي، ڪائنات ۽ سماج جي رنگن کي پروڙڻ جي رمز سمايل آھي. ادب شعبي جي چيئرمين پروفيسر ملھار سنڌي چيو ته تصوف محبتن جي تحريڪ آھي، ھن بارود جي ڍير تي بيٺل دنيا کي جيڪڏهن نفرتن کان پاڪ ڪرڻو آھي ته اسان کي تصوف کي عام ڪرڻو پوندو. صاحب ڪتاب ذلف علي فقير چيو ته منھنجو ھي ڪتاب پيار جو پورھيو سمجھيو وڃي. تقريب ۾ ڪوڙل قربدار، صوفي نظام الدين سميجو، ايڊووڪيٽ ستار ھليو، محمد جواڻ جانب ۽ ٻين ڪتاب بابت خيالن جو اظھار ڪيو. تقريب ۾ ناليوارن، شاعرن، اديبن عباس ڪوريجو، احمد علي صابر، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، علي روشن شيخ، فقير محمد سنڌي، عزيز بلال بروھي، جاويد پٺاڻ، حميد سنڌي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
