لاڙڪاڻي ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميه خلاف شاگردن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايسوسئيٽ ڊگري آف سائنس جي تعليم حاصل ڪندڙ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردن يونيورسٽي انتظاميه خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شاگردن عاقب احمد ابڙو، مزمل جوڻيجو، اسامه دايو، اظهر ابڙو، اسامه صديق ڀٽو، علي حيدر شاهه ۽ ٻين دانهيو ته اسان سميت هڪ هزار کان وڌيڪ شاگردن ڊسمبر 2020ع ۾  شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايسوسئيٽ ڊگري آف سائنس ۾ داخلا ورتي جنهن ۾ اسان 4500 روپيا ايڊميشن فيس به ادا ڪئي پر سال گذرڻ باوجود امتحان نه ٿي سگهيا تازو يونيورسٽي طرفان 18 سيپٽمبر، 25 آڪٽوبر ۽ 15 نومبر تي ڌار ڌار امتحانن جو شيڊيول پڌرو ڪرڻ بعد سپلا طرفان گذريل امتحانن دوران انويجيليٽرن کي رهتون ادا نه ڪرڻ سبب ٽئي ڀيرا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته اسان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري امتحانن جي تياري به ڪئي پر سال جو عرصو گذرڻ باوجود امتحان ڪو نه ٿي سگهيا آهن ويتر يونيورسٽي انتظاميه پاران ڪرپشن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ شاگردن جي امتحاني نتيجن، سلپ، سرٽيفڪيٽ ۾ ڄاڻي واڻي غلطيون ڪري شاگردن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري ڳاٽي ٽوڙ فيسون وصول ڪيون پيون وڃن. شاگردن سنڌ جي وڏي وزير، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي صوبائي وزير، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ايسوسيئيٽ ڊگري آف سائنس جو ٻن سالن جو گڏيل امتحان وٺي وڌايل فيسون گهٽائي شاگردن سان ناانصافي بند ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں