ملير ۾ اي سي جا کير جي دڪانن تي ڇاپا،5 دڪاندار گرفتار

ملير(ڊ.ر) سڄي ڪراچي ۾ کير وڪرو ڪندڙ دڪاندارن پنهنجي مرضي سان کير جو اگهه 200 روپيا ليٽر ڪري ڇڏيو آهي عوامي شڪايتن جو ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ سخت نوٽيس وٺندي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنر کي حڪم جاري ڪيا آهن واڌو اگهه وٺندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، انهي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪارن ضلعي مختلف علائقن گلشن حديد، ڀينس ڪالوني، قائدآباد، ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ، ابراهيم حيدري، ڀٽائي آباد ۾ ڇاپا هڻي کير 120 روپيا کان وڌيڪ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪندي دڪاندارن تي ڏنڊ سميت 5 دڪاندارن کي گرفتاري ۽ پنج دڪاندار سيل ڪيا ويا، هوڏانهن ٻئي طرف عوام ڪمشنر ڪراچي جي وڌيڪ اگهه وٺڻ واري نوٽيس تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں