ميرپورخاص ۾ ڏياري جي حوالي سان رنگا رنگ تقريب منعقد

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڏياري جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار آفيس ۾ وڪيل منو مل ميگهواڙ  پاران ڏياري جي سلسلي ۾ هڪ رنگا رنگ تقريب منقعد ڪئي ويئي ، ڦٽاڪا ڦاڙي ڏياري جو رسمون پڻ ادا ڪيون ويو جڏهن ته تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر وڪيل شوڪت راهمون، وڪيل عبدالعزيز ميمڻ، وڪيل علي حسن چانڊيو، وڪيل ڪانجي مل ميگهواڙ، وڪيل هيرا لال ميگهواڙ ، سميت وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي وڪيل شوڪت راهمون ، علي حسن چانڊيو ، عبدالعزيز ميمڻ چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جنهن تي صدين کان هتان جا رهواسي بنا ڪنهن مزهبي متڀيد جي گڏ رهندا اچن پيا ان ڪري اسان هتي مذهبي تهوار به گڏ ملهايون ٿا اسان جي عيد هجي يا هندوئن جا مذهبي تهوار پر اسان سڀ اهي تهوار گڏجي ملهايون ٿا ان جو مقصد اهو آهي ته ڪو به مذهب انسانيت کان مٿي نه آهي انسانيت ۽ هڪ ٻئي سان محبت هڪ بهترين عمل آهي جنهن سان زندگي کي سٺي نموني گذاري سگهجي ٿو جڏهن ته تقريب منقعد ڪندڙ وڪيل منو مل ميگهواڙ چيو ته اسان جو مذهبي تهوار ڏياري هڪ وڏو مذهبي ڏڻ آهي ان ڏينهن جون خوشيون سڀني سان گڏ ملهائڻ سان سڪون ملندو آهي ان ڪري آئون هر سال ڏياري جي موقعي تي هي تهوار وڪيل دوستن سان گڏ ملهائيندو آهيان اڄ به هن تهوار جي موقعي تي وڏي تعداد ۾ وڪيل برادري مون سان گڏ هي تهوار ملهائي معاشري ۾ هڪ پيغام ڏنو آهي ته اسان سڀ پاڻ ۾ خوشي توڙي غمي جي موقعن تي هڪ ٻئي سان گڏ رهنداسين جڏهن ان موقعي تي مٺائي پڻ تقسيم ڪئي ويئي ڏياري جي تهوار جي مناسبت سان وڪيل منو مل ميگهواڙ پاران وڪيلن کي تحفا پڻ پيش ڪيا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں