نئون ديرو: ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران رسڪ الائونس ۽ ٻين مطالبن لاءِ احتجاج

نئون ديرو (ن س) هيلٿ رسڪ الائونس ۽ ٻين مطالبن جي حل لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو سينٽر جي ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران ڀٽو شهيدن جي مزارن ٻاهران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ شامل نيلم ڀٽو، بوسيا سلطانه، حرا ڀٽو، افشان ابڙو، عجيبان جروار، امينه جروار، نگينه شيخ، آمنه جکرو ۽ ٻين مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪندي چيو ته صحت کاتي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز هر وقت خطري هيٺ پابندي سان ڊيوٽي سرانجام ڏينديون آهيون، پوءِ اها پوليو مهم هجي، وئڪسينيشن هجي يا ٻيا پروگرام هر وقت فرنٽ لائين تي ليڊي هيلٿ ورڪرز هونديون آهن ۽ ان دوران اسان جون ڪيتريون ئي هيلٿ ورڪرز پنهنجون جانيون وڃائي ويٺيون آهن، پر ان جي باوجود صحت کاتي ۽ سنڌ حڪومت طرفان اسان جو هيلٿ رسڪ الائونس ختم ڪري ناانصافي ڪئي آهي جڏهن ته هن وقت تائين اسان کي نه ٽائيم اسڪيل ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي سروس اسٽرڪچر تي عمل ڪيو ويو آهي جنهن ڪري اسان ليڊي هيلٿ ورڪرز روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته هيلٿ رسڪ الائونس بحال ڪري، سرورس اسٽرڪچر ۽ ٽائيم اسڪيل ڏئي پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ پوليو مهم جو بائڪاٽ ڪري احتجاج جاري رکيو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں