ٽنڊو آدم ۾ شهيد اهلڪار جي والد کي هڪ ڪروڙ جو چيڪ ڏنو ويو

ٽنڊوآدم ( ن س ) ايس ايس پي سانگهڙ داڪٽر فرخ لنجار پاران ٽنڊوآدم جو دورو ڪيو ويو جتي انجمن تاجران پاران شهر کي ڏوهي سرگرمين کان بچائن لاءِ جوڙيل سيف سٽي پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي انجمن تاجران جي صدر محمد اقبال ڀٽي ، نوشاد شيخ ، حبيب بهلم ۽ ٻين ايس ايس پي کي ٻڌايو ته ٽنڊوآدم ۾ ڏيڍ ڪروڙ روپين جي لاڳت سان سموري شهر سميت چوڌاري 9 ڪلوميٽرن ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون وينديون جنهن جو پهريون مرحلو 45 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن لاءِ انجمن تاجران پاران 15 لک روپيه ڏنا ويا آهن باقي ايم اين اي روشن جوڻيجو سينيٽرملڪ امام الدين شوقين ٽنڊوادم جي بئنڪن ۽ سرندي وارن ماڻهن يقين دهاني ڪرائي آهي ته اهي اسان کي فنڊ مهيا ڪندا هنن چيو ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ ٽنڊوآدم واحد شهر هوندو جتي اهڙو نيٽ ورڪ لڳايو ويندو ان موقعي تي ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ لنجار پاران ٽنڊوآدم جي انجمن تاجران جي ان قدم کي ساراهيندي چيو ته اهڙي نيٽ ورڪ سان اسان ڏوهن تي وڌيڪ ڪنٽرول ڪري سگهنداسين هن چيو ته ان سلسلي ۾ هو سندن ڀرپور مدد ڪندو جڏهن ته ايس ايس پي سانگهڙ پاران 6 مهينا اڳ هٿيار بندن هٿان شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار امان الله خاصخيلي جي والد کي هڪ ڪروڙ روپين جو چيڪ ڏنو ۽ پوليس اهلڪار جي قربانيءَ تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي سندس والد کي آٿت ڏني جڏهن ته ايس ايس پي پاران سيف سٽي پروگرام لاءِ ڊي ايس پي آفيس لڳ قائم ٿيندر ڪنٽرول روم جي جاءِ جو پڻ دورو ڪيوان موقعي تي ڊي ايس پي ٽنڊوآدم اظهار لاهوري ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمران نظير شيخ ، مختيارڪار رحم علي زرداري ، ايس ايڇ او سٽي محمد اسلم بلو ، ايس ايڇ او بي سيڪشن زوالفقار پاهي ، سماجي اڳواڻ امجد آرائين سميت معزز ماڻهو پڻ موجود هئا . 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں