پاڪستان تحريڪ انصاف پاران توشه خانه ڪيس جو فيصلو عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو)  پاڪستان تحريڪ انصاف توشه خانه ڪيس ۾ الڪيشن ڪميشن جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته اسان فيصلي خلاف اڄ ئي هاءِ ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلينج ڪندي اڄ ئي پٽيشن داخل ڪندي. بئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري ۽ شهباز گِل عمران خان بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي رد ڪندي چيو ته جنهن نموني اڄ اهو فيصلو ٿيو آهي ائين پهريان ڪڏهن ناهي ٿيو، اڄ پاڪستان جي ٻاويهه ڪروڙ عوام جي خلاف فيصلو ٻڌايو ويو آهي . فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ الڪيشن ڪمشنر کي پي ڊي ايم ۾ شامل ڇو نٿو ڪيو وڃي، اسان کي اليڪشن ڪميشن مان پهريان به ڪائي اميد نه هئي، اڄ پاڪستان ۾ انقلاب جي شروعات ٿي وئي آهي. شهباز گِل چيو ته هي فيصلو نواز شريف لکيو ۽ سندس ذاتي ملام ان تي صحيح ڪري ٻڌايو، عوام ان فيصلي کي رد ڪري ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں