پئرس ( م ڊ ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( فيٽف ) پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو. فيٽف جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس پئرس ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي مامرو واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ڪئي، اجلاس کانپوءِ باظابطا فيٽف پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو اعلان ڪيو . فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ سان پاڪستان لاءِ پرڏيهي فنڊنگ جو حصول سولو ٿي ويندو. پڌرائي موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي مانيٽرنگ ۾ رهندو، پاڪستان کي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ قانون تي وڌيڪ عملدرآمد ڪرائڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( فيٽف ) جي گري لسٽ مان نڪرڻ تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪردار جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته گري لسٽ مان نڪرڻ تي آرمي چيف ۽ سندس ٽيم جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته الله جو شڪر آهي پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۽ وقار جي بحالي قوم کي مبارڪ هجي. هن لکيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ اهو اسان جي قربانين جو اعتراف آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جون ڪاوشن کي سڄي دنيا تسليم ڪيو آهي.
