ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورو شھر آس پاس جي علائقن ۾ سوئي گئيس اڻلڀ شھري پريشان غريب آباد ڪالوني واسي سراپا احتجاج ڪالوني کان ريلي حيدرآباد ڄامشورو روڊ سم نالو پل بند ڪري ڌرڻو .ڄامشورو اسان جي غريب آبادڪالوني ۾ سوئي گئيس جو نالو نشان ناھي اسان ٻچڙيوال پريشان آھيون سوئي گئس انتظاميا جي نااھل عملدار عوامي شڪايتون جو ڪوبـ ازالو نٿا ڪن آفيسن چڪر ڪاٽي ڪاٽي مجبور ٿي روڊ بند ڪيو آھي ڄامشورو احتجاج ڪندڙ اڳواڻ محمد عرس ٻٻر محمد اياز ميمڻ، رفيق احمد تيوڻو گلشن احمد گوپانگ علی اڪبر بروهي آصف بروھي مختیار احمد چانڊيو نیاز احمد بروهي ۽ ٻين پاران غريب آباد ڪالوني جي سئي گئس جي بحالي جو مطالبو ڪندي چيو ته گذريل ٽن سالن کان رڳو بل پيا ڀريون سئي گئيس اسان جي علائقي ۾ بلڪل نه آھي آفيسن جا چڪر ڪاٽي درخواستون ڏنيون آھن پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آھي.ڄامشورو خدارا ادان جي ڪالوني جو سوئي گئيس بحال ڪري رھواسين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي
