حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا ھال ۾ عاصمہ جهانگير ليگل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواء اڳتي نٿو وڌي سگھي ۽ ترقي نٿو ڪري سگھي. وفاقي نوڪرين ۾ سنڌين لاءِ دروازا بند آھن. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌي جسٽس ناھي. سنڌ جسٽس ڀڳوانداس ۽ جسٽس سجاد علي جھڙا جج ڏنا. اقليتي نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪري شاديون ڪيون وڃن ٿيون. اقربا پروري، ڪرپشن ۽ آمريتون تباھي ۽ بربادي جو رستو آھن. پاڪستان ۾ ماڻھن وٽ خوشين جو حق ناھي. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻھو بک، بيمارين جي ڪري مري وڃن ٿا. ڪروڙين ماڻھو گٽر جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. جيڪي وزير ۽ آفيسر ماڻھن کي گٽر مليل پاڻي پيارين ٿا، اھي دشمن ۽ قاتل آھن. سڄي سنڌ ٻڏي پئي آھي. ماڻھو مري رھيا آھن. سنڌ ۾ جيڪو حقن جي ڳالھ ڪري ٿو انھن تي بغاوت جي ڪيس داخل ٿي وڃن ٿا. رات جو عدالتون کوليون وڃن ٿيون. غير قانوني افغاني ڪراچي ۾ افغانستان جا جھنڊا لھرائين ٿا، سنڌي ماڻھن کي بسن مان لاھي تشدد ڪن ٿا. لاھور، ڪوئيٽا، پشاور ۾ ائين ٿئي ٿو، ڪو پرڏيھي اچي اتي ماڻھن کان پڇن ٿا تہ ھتي ڇو آيا آھيو. اياز لطيف چيو ته ڪوڙا شناختي ڪارڊ، ڪوڙا ڊوميسائيل ڏئي سنڌ تي پرڏيھين جي يلغار ڪئي وئي آھي. دنيا جي سڌريل ملڪن آئين، انصاف، ميريٽ ۽ شفافيت جي رستي تي ھلي ترقي ڪئي آھي. اسان وٽ ان جي ابتڙ آھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو آئين ۽ قانون کي ان جيترو لتاڙي ٿو. ملڪي وسيلا ۽ عوام جي دولت لٽي وئي آھي. ادارن کي تباھ ڪيو ويو آھي. تعليم، سائنس، ميريٽ کي لتاڙيو ويو آھي. سنڌ ۾ ھٿ وٺي سرڪاري تعليمي نظام کي درھم برھم ڪيو ويو آھي. ملڪ کي آئين ۽ قانون جي عملداري سان بحرانن مان ڪڍي سگھجي ٿو. پاڪستان ۾ حڪمرانن قانون ۽ آئين کي پنھنجي پيرن ھيٺان لتاڙيو آھي. طاقتور ماڻھن لاءِ الڳ نظام آھي ۽ غريب، مزدور، ھاري لاءِ الڳ نظام آھي. ڪرپشن سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. عاصمہ جھانگير قانون ۽ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجھد ڪئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قانون ۽ آئين جي لتاڙ ڪري قومن جو استحصال ڪيو پيو وڃي.
