روم تنهنجا روپ هزار

امير ابڙو
جوليس سيزر جي آخري آرامگاهه
هيءَ سيزر جي آخري آرام گاهه آهي. جنهن ۾ توهان ڏسندا ته ڪيترا سڪا گهوريل آهن. گنگا نديءَ جيان هتي به ماڻهن جو ڪو عقيدو قائم آهي. علم کي جيڪڏهن صحيح طرح سان حاصل نه ڪجي ته اهو ماڻهوءَ کي گمراهه ڪري سگهي ٿو. هتي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته جيڪو به هن قبر ۾ ڪو سڪو اڇلائيندو ته اهو وري هتي موٽي ضرور ايندو تڏهن هن ۾ سڪا گهوريل آهن. هي شرڪ جو هڪ نمونو آهي. حالانڪ رومن قوم هن وقت ۾ الله کي ڪونه مڃيندي هئي ، نه هو يهودين سان گڏ هئا ، نه ئي وري حضرت عيسيٰ جي اچڻ تي انهن سان گڏ ٿيا، ڪافي وقت کان پوءِ هتي عيسائيت آئي. رومن مملڪت جي دوران ۽ ان کان ڪافي وقت اڳ لڳ ڀڳ 500 سالن کان هنن جي خدائن جا نالا جيوپيٽر، افرائِيڊس، زيئس ۽ اپولو وغيره هئا جن جي ڏند ڪٿا هڪ الڳ تاريخ آهي. هنن خدائن ۾ به هنن ڪجهه خصلتون ڳولهي لڌيون هيون. ڪو رزق جو خدا هو، ڪو شاديءَ جو خدا هو ، ته ڪو وري حسن جو خدا هو. هي خدا ماڻهو هئا جن جي ڪرامتن کي ڏسي ماڻهن کي خدا جو لقب ڏنو ٿئي.
انسان جي تاريخ ۾ خدا کي مڃڻ ۽ ڪنهن به غيبي طاقت جو سندس عملن ۾ دخل هر وقت رهيو آهي فقط نالا مختلف سڏائين ٿا. رومن حڪمران يوناني ۽ رومن خدائن جي تسلسل جو هڪ حصو هئا. جوليس سيزر جي لاءِ اهو مشهور آهي ته هو پاڻ کي خدا سڏائڻ پيو چاهي يا خدا جو هڪ روپ سمجهڻ پيو چاهي ، شايد ان جي ئي ڪري کيس هڪ آمر ڪري سمجهيو ويو ڇو ته ان کان پوءِ آيل حڪمران آگسٽس جمهوري قدرن جو قائل ٿيو پر ان جي لاءِ وري اهو مشهور هو ته هن تي خدائن جي ڪرپا آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن يوناني خدا اپولو جو مندر تعمير ڪرايو جيڪو اڃا به روم ۾ سندس الڳ تمير ڪرايل محل سان گڏ موجود آهي. مصروفيت ۽ وقت گهٽ هجڻ جي ڪري ان پاسي وڃڻ نه ٿي سگهيو. اهو خدا جو تصور صدين کان انسان جي روح ۾ جڙيل آهي فقط فرق اهو آهي ته الله سائين چيو ته بشر ۾ خدا ڪونهي، الله اڪيلو آهي ۽ نبين جي تعليم اها ئي آهي پر اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ انسان ڪيئي سهارا ڳولهي ٿو ۽ سندس وڏي ۾ وڏو سهارو اهو آهي ته هن کي خدا موڪليو آهي ته جيئن عوام جلدي راضي ٿي وڃي. ان سلسلي ۾ يوناني خدائن جي پس منظر ۾ جڳ مشهور شاعر هومر جا طويل نظم اوڊيسي ۽ ايليڊ پڙهڻ جهڙا آهن. دنيا جي ادب ۾ ڏند ڪٿائي تاريخ کي جهڙي طرح سان لکيو ويو آهي، اهو ماڻهوءَ کي سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري ته انسان جي اندر ۾ خدائن جي تصور جو ماضي آهي جيڪو حال ۾ انهيءَ تصور کي اتي وڃي پهچايو آهي جو عمران خان جهڙا اڳواڻ پنهنجي تقريرن ۾ خدا جي تصور کي سهارو بنائي عوام جي محبت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته ضياءُ الحق صاحب ته قران جون آيتون پڙهي 11 سال حڪومت ڪئي. خدا جو تصور انسان جي رڳن سان جڙيل ضرور آهي پر ان ۾ بهترين نمونو حضور صلعم جو آهي جنهن جي زندگيءَ کي سهارو بنائي ڪيترائي بشر حڪمران بنجندا پيا وڃن. مان سمجهان ٿو ته هر شيءِ ۾ نيت جو دخل هوندو آهي، جيڪڏهن حڪومت ڪندڙ جي نيت عوام جي اهنجن کي دور ڪرڻ آهي ته پوءِ اهو عملي طور تي عوام تائين پهچي ٿو، زوريءَ حڪومت حاصل ڪرڻ وارا مرڻ کان پوءِ پنهنجي اصل حيثيت ماڻين ٿا جو عوام ۽ مورخ سندن جوڙيل زنجيرن مان آزاد ٿي وڃن ٿا.
روم جي تاريخ ۾ به حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ آصف زرداريءَ جيان مرندڙ حڪمران کان زوريءَ وصيتون لکرايون ويون، بلڪ ڪيئي شاديون به اهڙيءَ طرح زوريءَ ڪرايون ويون جيئن شادي ڪرڻ سان حڪومت حاصل ٿئي. صرف جوليس سيزر پنهنجي ڀيڻ جي پٽ آڪٽاويا يعني آگسٽس جي وصيت سندس کي خبر هجڻ کان سواءِ لکي هئي باقي سڀ سيزر خاندان جا حڪمران زوريءَ ٿيا. انهن مان ڪجهه جي تاريخ ته تمام عالم آشڪار آهي.
جڏهن آگسٽس مري رهيو هو ته ان وقت روم مملڪت يورپ جي اولهين حصي، مصر ۽ اسرائيل ۾ به قائم ٿي چڪي هئي ۽ هڪ تمام دولتمند بادشاهي هئي. آگسٽس جي زال لويا کي سندس پهرئين مڙس مان پٽ هو جنهن جو نالو ٽائيبريس هو جيڪو آگسٽس کان پوءِ حڪمران رڳو ان ڪري ٿيو جو لويا آگسٽس جي ڌيءَ جوليا کي ان سان زوريءَ شادي ڪرائي. جوليا جو عشق وري آگسٽس جي دشمن مارڪ ائنٿوني جي پٽ سان هو جنهن جو نالو ائنتونيئس هو. جوليا سندس عشق ۾ اهڙي ته مبتلا هئي جو هن پنهنجي پيءُ کي صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ ٽائيبريس سان شادي ڪانه ڪندي. جوليا کي سندس پهرئين مڙس مان ٻه پٽ هئا جيڪي پوءِ وري ٽائيبيريس کان پوءِ حڪمران ٿيا. آگسٽس ڇاڪاڻ ته روم مملڪت جو انتهائي سياڻو ۽ باوقار بادشاهه هو تنهن ڪري هن جوليا کي ڪيئي دفعا سمجهايو ته جيئن ئي هو مري ويندو ته سندس پٽن کي لويا جا ساٿي مارائي ڇڏيندا ۽ ائين سيزر خاندان جو روم مملڪت مان خاتمو اچي ويندو. هن ائين به چيو ته ائنتونيئس سندس دشمن جو پٽ آهي ۽ هو کيس مارائڻ ٿو چاهي. پر تڏهن به جوليا نه مڃيو ۽ پنهنجي عشق ۾ مبتلا رهي. هڪ ڏينهن ائنتونيئس آگسٽس جي سپاهين جي سهاري سان آگسٽس تي خوني حملو ڪيو ۽ اڃا مارڻ تي هئس ته لويا پنهنجي پٽ ٽايئبيريس کي چيو ته وڃي آگسٽس کي بچائي. اتي جڏهن چهرا ظاهر ٿيا ته پوءِ جوليا کي يقين ٿي ويو ته اهو عشق فقط بادشاهي حاصل ڪرڻ لاءِ هو. ساڳي طرح لويا جي پٽ ٽائيبيريس به بادشاه ٿيڻ نه ٿي چاهيو پر لويا جي زور ڀرڻ تي هن جوليا سان شادي ڪئي. جنهن شاديءَ مان ڪوبه اولاد نه ٿيو پر آگسٽس جي مرڻ تي ٽائيبيريس بادشاهه ٿي ويو.
ڳالهه جو مطلب هي آهي ته انساني تاريخ گهڻي قدر حڪومتن ۽ دولت جي چوگرد گهمي ٿي ، فقط جيڪي الله جي خوشنودگي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومتون جوڙين ٿا، اهي پنهنجي عملن جو نتيجو به ڏسن ٿا ۽ تاريخ کين ڪيئي نسلن تائين ياد ڪندي رهي ٿي. روم شهر ۾ گهمندي حالانڪ هتي جي اهم ترين بادشاهه آگسٽس جا ڪيئي مجسما نظر آيا پر جوليس سيزر جو هڪ به مجسمو يا وري ڪو يادگار نظر نه آيو. اها حقيقت آهي ته رومن مملڪت کي آگسٽس اها رونق ڏني پر انهيءَ جو بنياد سندس مامي جوليس سيزر رکيو هو. جوليس سيزر جي قبر تي هي سڪن جي گهور ڏسي انساني طبيعت تي تمام گهڻو غور و فڪر ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهيان ته انسان جي طبيعت ۾ آهي ته هو جنهن کي چاهيندو آهي ، انهيءَ کي پير فقير ڪري پوءِ معبود بنائي ٿو ڇڏي جڏهن ته انسان جو معبود فقط هڪ آهي. اهو آهي الله سائين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں