ڄامشورو (رپورٽ: ربڏنو ابڙو) سنڌ جو ناليوارو اديب، ليکڪ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين ۽ بيورو آف ڪريڪيوليم جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ساهه جي تڪليف سبب 85 ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي واري گھر ۾ وفات ڪري ويو آهي، سندس جنازي نماز قبا مسجد سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته کيس سنڌ يونيورسٽي واري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس لاڏاڻي تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين پرويز احمد بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف ۽ ادب سان لاڳاپيل شخصيتن ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جو جنم جي تاريخ پهرين جنوري 1937ع آهي ۽ سندس جنم سنڌ جي تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ ٿيو. پرائمري جي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين ۽ پنهنجي صوبيدار چاچي سان اڪثر ڪري گڏ رهندو هيو، مختلف شهرن ۾ سندس پوسٽنگ سبب پٿورو، ٽنڊو رحيم خان، ٿرڙي محبت ۽ سيوهڻ ۾ به پڙهيو. 1953ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، ان کان پوءِ ”ٽي ڊي“، ”بي اي“ ۽ ”بي ٽي“ جا امتحان پاس ڪيائين ان کان پوءِ خانگي طور تعليم جاري رکندي ”ايم اي“ مسلم هسٽري سيڪنڊ ڪلاس ۾ ”ايم ايڊ“ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ”پي ايڇ ڊي“ ڪيائون. 1953ع ۾ انگريزي ٽيچر ٿيا، 1962ع ۾ سينيئر انگلش ٽيچر جي حيثيت ۾ مختلف اسڪولن ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيا، ان کان پوءِ سيوهڻ، هالا، حيدرآباد ۽ عمر ڪوٽ ۾ سپروائيزر ۽ اي ڊي آءِ ايس مقرر ٿيا ۽ ان کان پوءِ پرائمري اسڪولن جي نگراني لاءِ سنڌ سرڪار پاران او ايس ڊي ٿيا ۽ ان کان پوءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اسڪول ايجوڪيشن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن طور ڪيائين. 1979ع کان مختلف ضلعن ۾ ڊي اي او طور خدمتون سر انجام ڏنائون، 1988ع کان 1990ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ ان کان پوءِ 1991ع پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ 1993ع کان 1994ع تائين ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم جي عهدي تي رهيا، جولاءِ 1994ع کان جولاءِ 1996ع ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري اڪيڊمڪ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ رهيا ۽ ان کان پوءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين ۽ 31 ڊسمبر 1996ع تي ان ئي عهدي تان رٽائر ٿيو، 35 ڪتاب لکندڙ حبيب الله صديقي ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا.
