سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي شاعر سرويچ سجاوليءَ جي وڇوڙي کي 15 سال گذري ويا

سجاول (ڊ ر) سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي شاعر سرويچ سجاوليءَ جي وڇوڙي کي 15 سال گذري ويا، گذريل ڏينهن 22 آڪٽوبر تي سندس ورسي جو ڏهاڙو سادگي سان ملهايو ويو، ان ڏس ۾ سورج سجاولي پريس ڪلب ۾ سرويچ سجاولي جي 15 هين ورسي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، صحافين ۽ شهرين شرڪت ڪئي ۽ سرويچ سجاولي جي سياسي سماجي، شاعري ۽ ادبي خدمتن تي روشني وجهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان اڳ سرويچ سجاولي جي پٽن منير سرويچ، ڊاڪٽر عثمان سرويچ، اسماعيل سرويچ ۽ پوٽي نجيب سرويچ سميت سندس خاندان جي ٻين فردن سان گڏ سياسي سماجي اڳواڻن، شاعرن، اديبن ۽ شهرين سجاول جي اسماعيل شاھ بخاري قبرستان ۾ سرويچ جي قبر تي پهچي چادر چاڙهي دعا گهري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں