فوجي اداري بدران آئين ٽوڙڻ واري جرنيل جي مذمت ڪئي وڃي: جسٽس فائز عيسيٰ

لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ کپي ۽ فوجي اداري بدران آئين ٽوڙڻ واري جرنيل جي مذمت ڪئي وڃي. لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڀٽو جو ٽرائل ڪنهن فوجي عدالت نه سول ڪورٽ ڪيو هو، جنهن بئنچ ۾ فوجي عدالتن جي قيام جو معاملو آيو، مان ان جو حصو هئس، مان جونيئر ترين جج ۽ اقليتي فيصلي جو حصو هئس. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پاڪستان کي جهموري انداز ۾ حاصل ڪيو ويو، ان تي پهريون حملو ان وقت ٿيو جڏهن آئين ٽوڙيو ويو، جهموريت تي پهريون حملو هڪ بيورو ڪريٽ غلام محمد ڪيو، مولوي تميز الدين اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمل کي چئلينج ڪيو، جهموريت تي ٽيون وار ضياءَ الحق ڪيو هو، آئين ڦاڙيو ويو پر سندس خلاف درخواست کي ٻڌڻي نه جوڳو قرار ڏنو ويو، چوٿون ڀيرو مشرف آئين ٽوڙيو، سپريم ڪورٽ رياست جي پگهاردار ملازم مشرف کي آئين جي ترميم جو اختيار پڻ ڏنو ويو هو، هڪ پگهاردار کي اختيار ڏيڻ وارا ججز پاڻ به پگهاردار ملازم هئا.  سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي عدليا ۽ ايگزيڪٽو جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ايگزيڪٽو طور فوج جي حصي جي ضرورت آهي، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ عوام جي چونڊيل قيادت جي ذريعي حڪمراني جي ضرورت آهي، پاڪستان مان جهموريت کي ڪڍڻ ان جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ ۽ وطن دشمني آهي، سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو فرد جي ڪردار تي ڳالهايو، اداري تي تنقيد نه ڪريو، آئين ٽوڙڻ واري جرنيل جي مذمت ڪيو اداري جي نه، مون سميت سڀ آئين جي آرٽيڪل 5 جي تحت قانون ۽ آئين جا پابند آهن،  اسان کي عوام پگهار ڏيندو آهي ۽ انفرادي طور اسان جو حساب ڪري سگهن ٿا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هڪ وزيراعظم کي نااهل ڪيو ويو ته هن پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي هئي، مان فيصلي تي تبصرو نه ڪندس پر فيصلي ۾ لکيو ويو ته اوهان جيڪا پگهار وٺڻي هئي اها نه ٻڌائي، اوهان سچ نه ڳالهايو اوهان سٺا مسلمان نه آهيو، پوءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وئي، جي ٽي آءِ جو لفظ پهريان نه ٻڌو هو. هن چيو ته ايگزيڪيٽو ۾ جنرل ايوب، جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف کي بليڪ لسٽ ۾ رکان ٿو، مان پاڪستان جي پهرين  ۽ ٻئين آرمي چيف کي وائٽ لسٽ ۾ رکان ٿو، ايوب خان پاڪستان جي آرمي چيف کان پلاٽ گهريو هو، پوءِ ان آرمي چيف کي هٽايو ويو ائين پلاٽن جي سياست شروع ٿي، پاڪستان ۾ پلاٽن واري سياست تمام گهڻي مشهور آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں