لاهور (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ڪالهه فيصلو اچي ويو ته عمران خان هڪ سرٽيفائيڊ چور ۽ دوکيباز آهي، عمران خان جي نااهلي خوشي جوڳي نه پر عبرتناڪ آهي، اسلام آباد ۾ ڪنهن سرٽيفائيڊ چور کي داخل ٿيڻ نه ڏينداسين. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو شخص سڀني کي چور چوندو هو، ان ئي چيف اليڪشن ڪمشنر بابت عمران خان چيو ته اهو قابل ۽ ايماندار شخص آهي، ان ئي اليڪشن ڪمشنر ڪرپٽ پريڪٽس تي عمران خان کي نااهل قرار ڏنو آهي، عمران خان کي بدترين ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻايو ويو، جيڪڏهن توهان تحفي کپائي قومي ناڻي ۾ پئسو جمع ڪرايو ها ته اسان تعريف ڪيون ها. هن چيو ته عمران نيازي ڪوڙ ۽ بدديانتي جو مجسمو آهي، جيڪڏهن ان خلاف فيصلو نواز شريف لکرايو آهي ته ڇا نواز شريف خلاف اقامي جو فيصلو عمران خان لکرايو هو؟ ڪالهه عمران خان جي حق ۾ ماڻهو نه نڪتا ته هن ڪارڪنن کي واپسيءَ جو چئي ڇڏيو، جلسن جلوسن، گارگند ۽ قوم کي ورهائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، اسان کي گڏجي مسئلا حل ڪرڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ سڄي قوم جي ڪاميابي آهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ حنا رباني کر ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، آرمي چيف به انتهائي ذميواري سان اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ ڪنهن سرٽيفائيڊ چور کي داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، عام چونڊون اڃا 11 مهينا پري آهن، اسان جو ڪو ارادو ناهي ته معيشت کي بهتر ڪرڻ بنا چونڊن ڏانهن وڃون. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي مقرري هڪ آئيني معاملو آهي ۽ اهو حڪومت جو آئيني اختيار آهي، جيڪي نالا ايندا ته حڪومت فيصلو ڪندي، جمهوريت کي ڪو خطرو ناهي، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ڪم ڪندا رهنداسين، پاڪستان جي بهتري لاءِ هر در تي وڃڻ لاءِ تيار آهيان، نواز شريف موٽيو ته سندس آجيان لاءِ ايئرپورٽ ويندس.
