قمبر (ن س) قمبر پ پ شھيد ڀٽو مير بابا ويلفيئر اڳواڻن ڪامريڊ شوڪت چانڊيو عرفان گوپانگ طرفان قمبر ٽينٽ سٽي ۾ وارن جي ڪٽائي لاءِ سيلون قائم ڪري 200 کان وڌيڪ ٻارن ۽ نوجوانن بزرگن جا مفت ۾ وار ٺهرايا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن چيوته ٻوڏ متاثرن جا وار ٺھرائي وڏي خوشي محسوس ڪئي آهي ڪجھ معذورن ماڻهن جا خيمن ۾ وڃي وار ٺاهيا ويا، جتي ٻوڏ متاثرن شڪريو ادا ڪندي دعائون پڻ ڏيندا رھيا. هنن ڊي سي قمبر کان گھر ڪئي ته ٻوڏ متاثرن بنيادي سھولتن کان محروم آھن جن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ان موقعي تي ٽينٽ سٽي تي JUI جي اڳواڻ راشد محمود سومرو ڪيمپ تي اچي ساراھ ڪئي.
