عمرڪوٽ (ڊ ر) صوبائي وزير تعليم و ثقافت سيد سردار علي شاھ، سيد سرفراز علي شاھ، پارلياماني سيڪريٽري ھيلٿ قاسم سومرو، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ايم بي راجا ڌاريجو، عمرڪوٽ لڳ روحل واءِ ۾ مرحوم جمن دربدر جي وڇوڙي تي سندس پونئرن سان فاتح خواني ڪئي ۽ ڏک جو اظھار ڪيو،ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاه چيو ته جمن دربدر سراپا سنڌ هو ڌرتي سان بي پناھ محبت ڪندڙ مخلص ڪردار ھو جنھن کي سنڌ صدين تائين ياد رکندي،اتي موجود ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو ۽ ٻيا معززين موجود هئا
