ملير: سگا گلشن حديد شاخ طرفان شاگردن جي مان ۾ تقريب

ملير(ڊ ر) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن گلشن حديد شاخ طرفان روشن تارا اسڪول ۾ ڪراچي بورڊ مان سال 2021 – 22 ۾ ميٽرڪ پاس ٿيل A1 ۽ A پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شيلڊ ۽ ايوارڊ ڏنا ويا، سگا جي اڳواڻن پهرين پوزيشن ماڻيندڙ مُهڻي ڌيُ غوث بخش پيرزادو کي امتحان ۾ %90 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪرڻ ۽ ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي A۽A1گريڊحاصل ڪرڻ تي سندن مان ۾ تقريب ڪوٺاهي وئي، تقريب ۾ استادن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان بهترين استادن کي شيلڊ ۽ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين تعليم جي حوالي سان تقريرون،خاڪا،ٽيبلوز۽سنڌي توڙي انگريزي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا. تقريب کي سگا اڳواڻن پيرل خان کوسو، خادم حسين ڪانڌڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعليم انسان جي ٽئين اک آهي تعليم کان بغير انسان اڌورو آهي، تعليم سان گڏ بهتر تربيت ڪرڻ والدين ۽ استادن تي فرض آهي، هن چيو ته سگا جي نگراني هيٺ هلندڙ روشن تارا اسڪول سنڌ ۾ تعليم جي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي روشن تارا اسڪول اونڌاهه ۾ ڏيئي جو ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ تعليم جي ترقي ۽ ويجهه واڌ لاءِ سگا جو تعليمي شعبو ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته سالياني امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا ۽ سندن والدين ۽ استادن کي پڻ مبارڪباد هجي جن جي محنت رنگ لاتو آهي،هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪيترائي ٻار تعليم جي نعمت کان محروم آهن سرڪاري اسڪولن ۾ سهولتون نه هجڻ ۽ پرائيوٽ اسڪولن جون فيسون ڳريون هجڻ سبب غريبن جا ٻار تعليم کان محروم آهن، اهڙي صورتحال ۾ روشن تارا اسڪول اهڙن غريب ٻارن کي بهتر ۽ معياري تعليم ڏيڻ جو ذريعو بڻيل آهي، هنن والدين کي اپيل ڪئي ته ٻارن کي رڳو استادن جي حوالي نه ڪيو وڃي پر پاڻ به ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏين ته جيئن اڄ جا معمار سڀاڻي جا بهترين شهري بڻجي سگهن، ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد بخش عباسي،حاجي خان منگي،اشارت حسين ميمڻ،شفقت علي حاجاڻو،منور حسين بروھي،محمداڪبرنوناري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں