‏‏واڪا ڪندي ووءِ صديون تولاءِ سنڌڙي!!

گُل سنائي/ مانچسٽر يونائيٽيڊ ڪنگڊم
اُستاد جمن در بدر ”ماما” جي وڇوڙي تي سندس ڪٽنب سان گڏو گڏ سڄي سنڌ سان هن سوز جي گھڙي ۾گڏ آهيان. ماما تون، مٽي جو ماڻهون هئين، وڃي مٽي ۾ ملئين!! ماما تون خوشنصيب آهين، سموري حياتي سنڌ جي تسبيح سوري، ڌرتيء سان ملي ھميشه لاءِ امر ٿِي وئين. اهو معراج هر ڪنهن جي نصيب ۾ ٿوري ايندو آهي!!! بقول ابراهيم منشيءَ جي ته:
‏جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو، ته پَهچي پٽڪي ور ويو!
زندگي جي سڀني تلخين جي باوجود، ثابت قدم رهين، سيد جي ڏسيل واٽ تي قائم رھي، پيرين پنڌ ﺳﻨﮅ جي ڪنڊ ڪُرچ۾ نوجوانن تائين سيد جو سنيهو پنهنجي نرالي انداز، مثلاً پنهنجي ناياب گيتن کي پرجوش۽ پرسوز انداز ۾ پهچايو. صرف سنڌ نه پر تُنھنجو آواز ته بنالاقوامي پليٽفارم تي به گونجيو. جڏھن به ڪو عرض رکيو، طبيعت جي ناساز ھئڻ جي باوجود به اگهايو. ماما تو واقعي، بابا بلهي شاهه جي هن سٽن وانگر ته:
ميڪون نچ ڪي يار مناوڙ ڏي
يا
بلہیا اہندی او جانڑے میڪون اپنڑی تہڑ نبھاونڑ ڏي.
ماما، تو سنڌ ۽سيد سان واقعي پل پل توڙ نڀايو.
ماما، تون ڀٽائي گھوٽ جي هن سٽن تي بلڪل پورو لٿين ته:
کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي ان جي نه لهي.
ماما، تو بلڪل سچ چيو ته:
ڪي ڪي ماڻھو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هن….!!! واقعي تُنهنجِي جدوجھد، تُنهنجا نظم، تُنھنجو پورهيو تاريخ ۾نقش ٿِي ويا نوجوان تُنھنجو سادي لفظن ۾ڏنل پيغامِ سنڌ کي هيئين سان هنڊائي، سنڌ جي اجپي، بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندآ.
ماما، شيخ اياز جي لفظن ۾ ته:
ٻيهار به ملنداسين،
ڪنهن ڏور ستاري تي،
ٽيهار به ملنداسين!!

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں