ٻولي اختياري اداري پاران خانگي اسڪولن جي استادن کي تربيتي ڪورس ڪرائڻ جو فيصلو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) 22 آڪٽوبر 2022ع: سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن لاءِ تربيتي ڪورس هلائڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي، اٿارٽيءَ جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ تعليم کاتي جي استادن جي تربيت واري ڪاليج جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هارون لغاري، ادريس جتوئي، ذوالفقار بهڻ، دلشاد ڏيٿي، امداد لاکي، عبدالڪريم آصف، ڊاڪٽر بشير احمد، ظهرا چنا، سلما راڄپر ۽ خالد آزاد شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن جي تربيت لاءِ هڪ مهيني جو ڪورس ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گڏجاڻيءَ ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن جي تربيت لاءِ موجوده نصاب ۽ ٻئي تربيتي مواد کي آڏو رکي هڪ مينوئل يعني تربيتي هدايت نامو تيار ڪيو ويندو، جنهن کان اڳ خانگي اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن کان سنڌي ٻوليءَ جي تدريس بابت راءِ وٺڻ لاءِ انگ اکر پڻ گڏ ڪيا ويندا. گڏجاڻيءَ ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ  استادن لاءِ تربيتي ورڪشاپ پڻ منعقد ڪرايا ويندا. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں